Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مختصر وضاحت: يعني ڪنهن جي معراج طُور تائين آهي (جيئن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام)، ڪنهن جي چوٿين آسمان تائين (جيئن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ) ۽ اسان جي آقا، حبيبِ ڪبريا، سَيدُ الْانبيآء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي معراج جي درجي کي به ڪير پهچي سگھي ٿو، ڇوته سندن جي بُلندي تمام وڏين بُلندين جي بلنديءَ کان به بلند آهي ۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ٻي حڪمت   

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي هڪ ٻي حڪمت بيان ڪندي حڪيمُ الْاُمّت حضرت علامه مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ فرمائن ٿا: تمام پيغمبرن الله جي ۽ جنت ۽ دوزخ جي گواهي ڏني ۽ پنهنجي پنهنجي اُمَّتن کان اَشْهدُ اَنْ لَّا ۤاِلٰه اِلَّا الله پڙھايو، پر انهن نبين سڳورن مان ڪنهن جي گواهي ڏٺل نه هئي ۽ گواهي جي انتها ڏسڻ سان ٿيندي آهي، ته ضرورت هئي جو انهن نبين سڳورن (عَلَيۡهُمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي پاڪ جماعَت مان ڪا اهڙي هستي به هجي جيڪا انهن سڀني شين کي ڏسي ڪري گواهي ڏي، هن جي گواهي تي شهادت جي تڪميل ٿي وڃي۔ اها شهادت جي تڪميل حُضُور عَلَيۡهِ السَّلَام جي ذات تي ٿي۔ (جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني شين کي پنهنجي مُبارڪ اکين سان مُلاحظه فرمايو ۽ ان جي شاهدي به ڏني۔) (شانِ حبيب الرحمن،ص۱۰۶ملخصاً)(شانِ حبیب الرحمن، ص۱۰۷، ملتقطاًوملخصاً)

اعليٰ حضرت، امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

طُورِ موسیٰ چرخِ عِیسیٰ   کیا مساویِ دَنےٰ ہو

سب جِہَت کے دائرے میں                              شش جِہَت سے تم وَرا ہو

سب مکاں تم لامکاں میں                  تَن ہیں تم جانِ صفا ہو

(حدائقِ بخشش، ص۳۴۲)