Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مبارَڪ سفر (Journey) جي هڪ خاص ڳالھ اها به هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ربِّ ڪريم جي هڪ عظيمُ الشّان نشاني يعني جنّت ۽ اتي موجود نعمتن کي به پنهنجي مبارڪ اکين سان مُلاحَظه فرمايو، ڪيئي احاديثِ طيبه ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام انهن شين کي بيان به فرمايو۔ اچو! هن باري ۾ چار (4) روايتون ٻڌون ٿا:

(1)جنّتي نهرون ۽ پکي

حضورنبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: (معراج جي رات) منهنجو وڃڻ جنّت ۾ ٿيو، مون ڏٺو ته ان جا سنگريزا موتين جا ۽ ان جي مٽي مشڪ جي هئي. (بخارى، كتاب احاديث الانبياء، باب ذكر ادريس عليه السلام، ۲/۴۱۷ ، حديث:۳۳۴۲ ،ملتقطاً) پوءِ مون نهرون ڏٺيون هڪ پاڻيءَ جي، جنهن جو پاڻي تبديل ناهي ٿيندو، ٻي کير جي جنهن جو ذائقو ناهي بدلجندو، ٽئين شراب جي جنهن ۾ پيئڻ وارن لاءِ لذّت آهي (نشو بالڪل ناهي) ۽ چوٿين پاڪيزه ۽ صاف سُٿري ماکيءَ جي. جنّت جا پکي اُٺن وانگر هئا، ان ۾ الله ڪريم پنهنجي نيڪ ٻانهن جي لاءِ اهڙا اهڙا انعام تيار ڪري رکيا آهن جنهن کي ڪنهن اک ناهي ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن ڪَنّ ٻڌو ۽ نه ئي ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جو خيال گذريو. (دلائل النبوة للبيهقى، جماع ابواب المبعث، باب الدليل... بالافق الاعلٰى، ۲/۳۹۴،ملتقطاً)

اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنّت مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفرِ معراج جي دوران آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت جي سير جي دلنشين لمحن کي لفظن جو جامو پارائيندي لکن ٿا:

وہ بُرجِ بَطْحَا کا ماہ پَارہ بِہِشْتْ کی سَیر کو سِدَھارا

چمک پہ تھا خُلد کا سِتارہ کہ اِس قَمر کے قدم گئے تھے

مختصر وضاحت: معراج جي رات مڪي جي وادي جا چنڊ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن جنّت جي سير لاءِ تشريف کڻي ويا ته جنّت جي مُقَدَّر جو ستارو چمڪي پيو، ڇوته جنّت ۾ ماهتابِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارَڪ قدم جو لڳي رهيا هئا۔