Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

الله جي عنايت     مرحبا      معراج جي عظمت         مرحبا      اَقصيٰ جي شوڪت        مرحبا

بُراق جي قسمت   مرحبا      بُراق جي سُرعَت         مرحبا      نبين جي اِمامت            مرحبا

آقا جي رِفعت      مرحبا      آسمان جي سِياحت         مرحبا      مڪينِ لامڪان جي عظمت    مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اچو! پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّتي مشاهدات جي باري ۾ ٻي روايت ٻڌون ٿا، جيئن،

(2)سون سان سينگاريل هڪ محل

   حضرت سيدُنا ابو بُرَيدَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايو: (شبِ معراج) جڏهن مان جنّت ۾ داخل ٿيس ته سون سان سينگاريل هڪ محل وٽان منهنجو گذر ٿيو۔ مون پڇا ڪئي: لِمَنْ هٰذَا الْقَصْرُ اهو محل ڪنهن جو آهي؟‘‘ ملائڪن عَرض ڪيو: لِرَجُلٍ مِّنَ الْعَرَبِ اهو هڪ عَرَبي نوجوان جو آهي۔“ مون چيو: اَنَا عَرَبِي مان عَرَبي آهيان۔“ ملائڪن عرض ڪيو: ”لِرَجُلٍ مِنْ قُرَيْشٍ اهو هڪ قُرَشِي نوجوان جو آهي۔“ مون چيو: اَنَا قُرَشِيٌّ مان قُرَشِي آهيان“، ملائڪن عَرض ڪيو: ’’لِرَجُلٍ مِّنْ اُمَّة مُحَمَّدٍ اهو اُمّتِ محمديه جي هڪ شخص جو آهي۔“ مون چيو: ’’اَنَا مُحَمَّدٌ محمد ته مان آهيان۔ ملائڪن عرض ڪيو: ’’لِعُمَرَ بْنِِ الْخَطَّابِ اهو محل عُمَر بن خطّاب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو آهي۔“ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايائون: ”فَاَرَدْتُ اَنْ اَدْخُلَهُ فَاَنْظُرَ اِلَيْهِ، فَذَكَرْتُ غَيْرَتَكَ ته مون چاهيو ته مان ان محل ۾ داخل ٿيان ته جيئن ان کي ڏسي سگھان پر مون کي تنهنجي غيرت ياد آئي۔“ اهو ٻڌي اميرُ المُؤمنين حضرت سيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيائون: ”بِاَبِي وَاُمِّي يَا رَسُولَ الله،اَعَلَيک اَغَارُ؟يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا