Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ڇا مان اوهان تي به غيرت ڪندس۔“ (ترمذي، ڪتاب المناقب، باب في مناقب ابي حفص۔۔۔الخ،۵/۳۸۵،حديث:۳۷۰۹ملتقطاً)(بخاري،ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب ۔۔۔الخ، ۲/۵۲۵، حديث:۳۶۷۹)

صحابہ اور اَہلِ بَیْت کی دل میں مَحَبَّت ہے                                                                                       بفیضانِ رضا میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا

رہے تیری عطا سے یاخدا! تیری عنایت سے                                                                    ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروقِ اعظم کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  هن حڪايت مان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام ۽ مرتبو معلوم ٿئي ٿو۔ اسان کي گھرجي ته اسان به صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي نقشِ قدم تي هلندي پنهنجي اندر نيڪ خصلتون پيدا ڪريون۔ اچو! جنّت جي سير فرمائڻ واري مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّتي مشاهدات بابت ٻه وڌيڪ (2) روايتون ٻڌون ٿا:

(3)بلند و بالا محل

      هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته معراج جي رات جنت ۾ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪجھ بلند بالا محلّ ملاحظه فرمايا، جن جي باري ۾ پڇڻ تي حضرتِ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام جن عرض ڪيو ته هي غصو پيئڻ وارن ۽ ماڻهن سان درگذر ڪرڻ وارن جي لاءِ آهن ۽ الله پاڪ احسان ڪرڻ وارن کي پسند فرمائيندو آهي. (مسند الفردوس، باب الراء، ٢/٢٥٥،حديث:٣١٨٨ ،مفھوماً)

(4) گنبذ جهڙا خيما

هڪ حديث ۾ آهي ته سفرِ معراج جي ڀلاري رات ۾ جنت جي سير ڪندي تمام نبين جي امام، سڄي خدائي جي سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موتين سان تيار ڪيل گنبذ جهڙا خيما ملاحظه فرمايا، جنهن جي مٽي مُشڪ هئي. پاڻ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرتِ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇيائون: لِمَنْ ھٰذا یَا جِبْرِیْل يعني اي جبريل! هي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ عرض ڪيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي