Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

توهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت جي امامن ۽ مؤذِّنن جي لاءِ آهن. (المسند للشاشى، مسند عبادة بن الصامت، ٣/٣٢١، الحديث:١٤٢٨)

سُرُورِ مَقْدَمْ کی روشنی تھی کہ تَابِشوں سے مَہِ عَرَب کی

جِنَاں کے گُلشن تھے جھاڑ فَرشی جو پُھول تھے سب کنول بنے تھے

مختصر شعر جي وضاحت: جڏهن ماھ عرب، محبوبِ ربّ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت ۾ آمدِ باسعادت ٿي ته روشني ئي روشني ڦهلجي وئي، عَرب جي چنڊ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رُخِ روشن جي نڪرڻ واري روشني سان جنّت جا گل به خوب، خوب ٽرڻ لڳا۔

الله جي عنايت           مرحبا      معراج جي عظمت         مرحبا      اَقصيٰ جي شوڪت                  مرحبا

بُراق جي قسمت         مرحبا      بُراق جي سُرعَت         مرحبا      نبين جي اِمامت                  مرحبا

آقا جي رِفعت           مرحبا      آسمان جي سِياحت         مرحبا      مڪينِ لامڪان جي عظمت         مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

احسانِ موسيٰ ۽ نمازن جي ترغيب

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  جيڪي روايتون اسان ٻڌيون، انهن مان اسان کي اها ترغيب ملي رهي آهي ته اسان نه صرف ڪاوڙ روڪيون ۽ ٻين سان درگذر سان ڪم وٺون بلڪ جتي به موقعو ملي، اهل هئڻ جي صورت ۾ اِمامت به ڪرايون ۽ اذان به ڏيون، ان سان گڏوگڏ نماز پڙھڻ جي به عادت بڻايون۔ نماز هڪ اهڙي عبادت آهي جيڪا الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شبِ معراج ۾ تحفي طور عطا فرمائي۔ جيئن جڏهن رسولِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي دِيدار کان مشرف ٿي واپس ڇهين آسمان تي حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام وٽ پهتا ته هو عرض گُذار ٿيا ته حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ربّ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت تي ڇا فرض فرمايو؟ ارشاد فرمايائون: 50 نمازون۔ هن تي حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام عرض ڪيو: ”اِرْجِعْ اِلٰي رَبِّکَ واپس