Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

پنهنجي ربّ وٽ وڃو فَاسْأَلْه التَّخْفِيفَ ۽ ان کان ڪمي جو سوال ڪريو فَاِنَّ اُمَّتَک لَا يطِيقُوْنَ ذٰلِکَ ڇوته اوهان جي اُمَّت کان اهو نه ٿي سگھندو، فَاِنِّي قَدْ بَلَوْتُ بَنِي اِسْرَائِيلَ وَخَبَرْتُهمْ مون بني اسرائيل کي آزمائي ڏسي ورتو آهي ۽ انهن جو تجربو ڪيو آهي۔ اهو ٻڌي حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ واپس الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيائون: ”يارَبِّ خَفِّفْ عَلٰي اُمَّتِي يعني اي منهنجا ربّ! منهنجي اُمَّت تي تخفيف فرما۔“ الله پاڪ پنج (5) نمازون گھٽ ڪري ڇڏيون۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ واپس حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام وٽ موٽيا ۽ فرمايائون: الله پاڪ پنج (5) نمازون گھٽ ڪيون آهن۔ حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام وري اهو ئي عرض ڪيو ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت کان اهو نه ٿي سگھندو، واپس پنهنجي ربّ وٽ وڃو ۽ ان کان ڪمي جو سوال ڪريو۔ اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو جو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، ربّ ڪائنات جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيندا رهيا ته پنج (5) نمازون گھٽ ٿينديون ويون، پوءِ حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام وٽ ايندا ها ته اهي اڃا گھٽ جو عرض ڪري واپس ربّ تعاليٰ جي بارگاھ ۾ موڪليندا هئا، ايستائين جو الله پاڪ فرمايو: اي محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڏينهن ۽ رات ۾ هي پنج نمازون آهن ۽ ان ۾ هر نماز جو 10 ڀيرا ثواب ملندو، تنهنڪري هي 50 نمازون ٿي وينديون. ۽ جيڪو شخص نيڪ ڪم جو ارادو ڪري پوءِ اهو نيڪ ڪم نه ڪري سگھي ته ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ جيڪڏهن اهو ان نيڪي کي ڪري وٺندو ته ڏھ (10) نيڪيون لکيون وينديون ۽ جيڪو بُرائي جو ارادو ڪري پوءِ ان کان پري رهي ته ان جي اعمال نامي ۾ ڪا بُرائي نه لکي ويندي ۽ جيڪڏهن بُرو ڪم ڪري ته هڪ بُرائي لکي ويندي۔

      پيارا آقا، شبِ اسريٰ جا گھوٽصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام وٽ آيا ۽ انهن کي هن باري ۾ ٻڌايو ته حضرتِ موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام وري اهو ئي عرض ڪيائون ته واپس پنهنجي ربّ وٽ وڃو ۽ اُن کان ڪمي جو سوال ڪريو۔ هن تي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: مان پنهنجي ربّ وٽ ايتري ڀيري ويو آهيان جو هاڻي مون کي حَياء اچي ٿو۔ (مسلم، كتاب الايمان، باب الاسراء...الخ، ص۸۷ تا ۸۸، حديث:۱۶۲)