Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

پاڪ پڙھڻ شروع ڪيو، جڏهن ستاويھ (27) ڏينهن گذري ويا ته ان رات جو هڪ خواب ڏٺو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: اي شخص! تون پريشان نه ٿي، الله ڪريم وڏو ڪارساز آهي تنهنجو قرض ادا ٿي ويندو۔ تون سلطنت جي وزير علي بن عيسيٰ وٽ وڃ ۽ ان کي چئو ته مون کي قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽي هزار (3000) دِينار ڏئي۔ ان مقروض واپاري جو چوڻ آهي ته مان جڏهن بيدار ٿيس ته ڏاڍو خوش هئس، پريشاني ختم ٿي چڪي هئي، پر پوءِ اهو خيال به آيو ته جيڪڏهن وزير صاحب ڪو دليل يا نشاني گُھري ته مون وٽ ته ڪو دليل به نه آهي۔ اهو ئي سوچيندي ٻي رات اچي وئي جڏهن مان سُتس ته قسمت کُلي پئي، مون کي رسول اڪرم، رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ديدار نصيب ٿيو، حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به علي بن عيسيٰ وزير وٽ وڃڻ جو حڪم ڏنائون، جڏهن اک کلي ته خوشي جي انتها نه هئي، ٽئين رات وري اُمت جا والي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿين ٿا ۽ وري حڪم فرمائن ٿا ته وزير علي بن عيسي وٽ وڃو ۽ ان کي اهو فرمان ٻڌايو، عرض ڪيم: يارَسُولَ الله! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪا نشاني يا دليل ارشاد فرمايو جيڪو مان ان وزير کي ٻڌايان۔ اهو ٻڌي سوالين جون جھوليون ڀرڻ واري داتا، سخاوت جا دريا وهائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون ته جيڪڏهن وزير توکان نشاني پڇا ڪري ته چئي ڇڏجان ته تون نمازِ فجر کان پوءِ ڪنهن سان ڳالهائڻ کان پهريان رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات تي پنج هزار (5000) ڀيرا درودِ پاڪ پڙھندو آهين، جنهن کي الله ڪريم ۽ ڪراماً ڪاتبين کانسواءِ ڪو نٿو ڄاڻي۔ اهو فرمائي رحمت عالم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي ويا، مان بيدار ٿيس، فجر نماز کان پوءِ مسجد کان ٻاهر پير رکندي غور ڪيم ته معلوم ٿيو ته اڄ مهلت کي پورو هڪ مهينو گذري چڪو هو۔ مان وزير صاحب جي رهائش گاھ تي پهتس ۽ وزير صاحب کي سڄو واقعو ٻڌايو، جڏهن وزير صاحب ڪا نشاني گھري ته  مون سندن کي آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد ٻڌايو ته وزير صاحب خوشي ۽