Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اوهان ٻڌو ته نماز معراج جو تحفو آهي، نماز شبِ معراج ملڻ واري عبادت آهي، اڄ اسان غور ڪريون ته اسان هن تحفي کي ڪيترو سنڀالي رکيو آهي، هن عظيم تحفي جي ڪيتري قدر ڪئي؟، نماز ته اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ آهي، تنهنڪري نماز جي پابندي ڪريو، نماز کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو، نمازين جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ اعليٰ کان اعليٰ اِنعام آهن، نمازيءَ کي جَنَّت ۽ مَغفِرت جون بِشارتون ڏنيون ويون آهن ۽ اَجرِ عَظِيم جون خُوشخبريون ٻڌايون ويون آهن۔ اچو! گڏجي زوردار نعرو لڳايون ٿا، اڄ کان پوءِ منهنجي ڪا نماز قضا نه ٿيندي۔ الله پاڪ اسان کي استقامت سان تمام نمازون باجماعت پڙھڻ جي توفيق عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

دیدارِ حَق دِکھائے گی اے بھائیو! نماز                     جنّت تمہیں دِلائے گی اے بھائیو! نماز

دربارِ مُصْطفےٰ میں تمہیں لے کے جائے گی                        خالِق سے بَخْشوائے گی اے بھائیو! نماز

عزّت کے ساتھ نُوری لِباس اچّھے زیورات                     سب کچھ تمہیں پہنائے گی اے بھائیو! نَماز

جنَّت میں نَرْم نَرْم بچھونوں کے تَخْت پر                          آرام سے سُلائے گی اے بھائیو! نماز

خِدْمَت تمہاری کریں گی حُوریں اَدَب کے ساتھ                        رُتْبہ بہت بڑھائے گی اے بھائیو! نماز

کوثر کے سَلْسَبِیْل کے شربَت پِلائے گی                            میوے تمہیں کِھلائے گی اے بھائیو! نماز

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اعتڪاف جي ترغيب :

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جي عادت بنائڻ، گُناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ، هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر، مدني انعامات تي عمل ۽ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي رمضان يا آخري عشري