Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

جي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي۔ رَمَضانُ المُبارَڪ جي آمدآمد آهي ۽ هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن رحمت ڀري مهيني ۾ عبادت ۽ تلاوت ۽ ذِڪر ودُرُود جي ڪثرت ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ ڪثير نيڪيون لکائڻ جا موقعا گھڻا وڌي ويندا آهن۔ اسان کي به گھرجي ته گُناهن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ ڏينهن رات نيڪين ۾ گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي رمضان يا آخري عشري جي اِعْتڪاف ۾ شرڪت جي نه صرف پاڻ نِيت ڪريون بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به تيار ڪريون۔ فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖيعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا تمام پويان گناهه بخشيا ويندا۔ (جامع صغير، ص۵۱۶،حديث:۸۴۸۰)

 

  هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ اِرشاد فرمايائون: مَنِ اعْتَکفَ فِي رَمَضَانَ کانَ کحَجَّتَينِ وَعُمْرَتَين۔ يعني جنهن رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ (ڏھ ڏينهن جو) اعتِڪاف ڪيو اهو اهڙو آهي جيئن ٻه حج ۽ ٻه عمرا ڪيا۔ (شعب الايمان ج۳ ص ۴۲۵ حديث ۶۶ ۲۹ از فيضانِ سنت)

جڏهن ته  هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: ھُوَ يَعْکِفُ الذُّنُوْبَ يُجْرٰي لَه ٗ مِنَ الْحَسَنَاتِ کعَامِلِ الْحَسَنَاتِ کُلِّھَا۔ اِعتِڪاف ڪرڻ وارو گناهن کان بچيل رهندو آهي ۽ ان جي لاءِ تمام نيڪيون لکيون وينديون آهن جيئن ان جي ڪرڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔(ابنِ ماجه ج۲ ص۳۶۵حديث۱۷۸۱از فيضانِ سنت)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت دُنيا جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ سڄي رَمَضان ۽ آخري عَشَري جي اِجتماعي اِعتِڪاف جي ترڪيب ٿيندي آهي۔ ٭ هن اعتڪاف ۾ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي طرفان ڏنل جَدوَل جي مطابق اِعتڪاف ڪرڻ واري عاشقانِ رَمَضان جي مَدَني تَرْبِيت جي ڪوشِش ڪئي ويندي آهي۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اِجتماعي اِعْتِڪاف ۾ هزارين اسلامي ڀائر مُعۡتَڪِفۡ  ٿي ٻين عبادتن سان گڏوگڏ عِلمِ دِين حاصِل ڪن ٿا ۽ سُنّتن جي تَربِيت ماڻن