Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

صدقي جا فائدا

اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فتاويٰ رضويه جلد 23، صفحي 152 صدقات جي فضيلتن بابت احاديث ذڪر فرمائي انهن فضائلن جو 25 مدني گلن ۾ اهڙي طرح احاطو فرمائن ٿا: انهن حديثن مان ثابت ٿيو ته جيڪي مسلمان ان عمل ۾ نيڪ نيت ۽ پاڪ مال سان شريڪ ٿيندا، انهن کي ڪرمِ الـٰهي ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بخشش سان 25 فائدا ملڻ جي اميد آهي۔

﴿۱﴾ الله تعالي جي حڪم سان بُري موت کان بچندا: ستر دروازا بُري موت جا بند ٿيندا ﴿۲﴾ عمر ۾ اضافو ٿيندو ﴿۳﴾ انهن جي ڳڻپ وڌندي۔ ﴿۴﴾ رزق جي ڪشادگي ۽ مال ۾ ڪثرت ٿيندي۔ ﴿۵﴾ خير ۽ برڪت حاصل ڪندا ﴿۶﴾ آفتون ۽ بلائون دور ٿينديون، بُري قضا ٽرندي، ستر دروزا برائي جا بند ٿيندا، ستر قسمن جون بلائون دور ٿينديون ﴿۷﴾ انهن جا شهر آباد ٿيندا ﴿۸﴾ بدحالي دور ٿيندي ﴿۹﴾ خوفِ انديشه ختم ٿيندو ۽ دلي اطمينان حاصل ٿيندو ﴿۱۰﴾ الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد شاملِ حال ٿيندي ﴿۱۱﴾ رحمتِ الٰهي انهن لاءِ واجب ٿيندي ﴿۱۲﴾ ملائڪ انهن تي درود موڪليندا ﴿۱۳﴾ الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جا ڪم ڪندا ﴿۱۴﴾ الله تعالي جو غضب انهن کان پري ٿيندو ﴿۱۵﴾ انهن جا گناھ بخشيا ويندا، انهن جي لاءِ مغفرت واجب ٿي ويندي؛ انهن جي گناهن جي باھ وسامي ويندي۔ ﴿۱۶﴾ دين وارن جي خدمت ۾ صدقي کان وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا ﴿۱۷﴾ غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا ﴿۱۸﴾ انهن جا بگڙيل ڪم سنورجي ويندا ﴿۱۹﴾ پاڻ ۾ محبتون وڌنديون، جيڪي هر ڀلائي ۽ خوبي جو مُتّبع (يعني پيروي ڪنديون يا ان جي پويان اينديون) آهن ﴿۲۰﴾ ٿوري خرچ ۾ گھڻن جو پيٽ ڀربو جو اڪيلا کائن ها ته ٻيڻو خرچ ٿئي ها۔ ﴿۲۱﴾ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ درجا بلند ٿيندا ﴿۲۲﴾ الله تبارڪ وتعالٰي ملائڪن جي سامهون انهن تي فخر فرمائيندو