Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

﴿۲۳﴾ قيامت جي ڏينهن دوزخ کان امن ۾ رهندا ﴿۲۴﴾ آخرت ۾ احسانِ الـٰهي مان فائدو حاصل ڪرڻ وارا هوندا جيڪو تمام مقصدن ۽ مُرادُن ۾ سڀ اعلٰي آهي ﴿۲۵﴾ خدا چاهيو ته ان مبارڪ گروهه (ٽولي) مان ٿيندا جيڪو حضور پرنور سيد عالم، سرور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعلِ اقدس جي صدقي سڀ کان پهريان جنت ۾ داخل ٿيندا۔ ( فتاويٰ رضويه،۲۳/۱۵۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ستاويهين جو روزو رکڻ جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ستاويهين رات آهي سڀاڻي ستاويهين جو ڏينهن هوندو، هن ڏينهن يعني 27 رجب جي روزي جي تمام گھڻي فضليت آهي،

سوسال جي روزن جو ثواب

رحمت عالم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذِيشان آهي: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکندو ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي ۽ اها رجب جي 27 تاريخ آهي. (شُعَبُ الْاِيمَان ج۳ص۳۷۴حديث ۳۸۱۱ (

عنقريب شعبانُ المعظم جو مهينو اچڻ وارو آهي، هن مبارڪ مهيني جي روزن جون به گھڻي فضيلتون آهن، سرڪارِ مدينه، سلطانِ باقرينه ، قرارِ قلب وسينه، فيض گنجينهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظمت نشان آهي:”(رَمَضان کان پوءِ) سڀ کان افضل شَعبان جا روزا آهن، تعظيمِ رمَضان جي لاءِ۔“ (شُعَبُ الايمان، ج3،ص377،حديث3819)

اُمّ المُومِنِين حضرتِ سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان رِوايت آهي،”الله جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشرف فرما ٿيڻ وارا حُضورِ انور ،شافِعِ مَحشر،