Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

مديني جي تاجور، محبوبِ داوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پوري شَعبان جا روزا رکندا هئا، ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ”ڇا سڀني مهينن ۾ توهان وٽ وڌيڪ پسنديده شَعبان المعظم جا روزا رکڻ آهي؟ ته شفيعِ روز ِشُمار ارشاد فرمايائون: ها، الله پاڪ هن سال مرڻ واري هر ساهه واري کي لکي ڇڏيندو آهي ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجو آخري وقت اچي ۽ مان روزيدار هجان.“ ( مُسندِابويعلٰي ،ج۴،ص277،حديث4890)

الله پاڪ اسان کي معراج جي گھوٽ، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صَدقي سڀاڻي جو نفل روزو رکڻ، شعبان ۽ پوءِ رمضان جا سمورا روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان سڄي رمضان جو يا آخري عشري جو اعتڪاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ڪاش! چڱين چڱين نيتن سان خوب خوب مدني عطيات گڏ ڪرڻ جي توفيق ملي وڃي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                   جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا