Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

نڇ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ مان نڇ ڏيڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ]1[ الله عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي ۽ اوٻاسي ناپسند۔ (بخاري ج 4 ص 163 حديث 6226) ]2[ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: اللهعَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (المعجم الڪبير ج 11 ص 358 حديث 12284) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ (ردالمحتار ج 9 ص 684) ٭ نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمدِ الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني الله عَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي۔ (بهار شريعت، جلد 3 حصو 16، ص 476) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ وارو چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ(يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ بَالَکُمْ (يعني الله پاڪ توهان کي هدايت ڏي ۽ توهان جو حال صحيح ڪري) (فتاويٰ هنديۃ،۵ /۳۲۶) ٭ جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ۽ پنهنجي زبان سڀني ڏندن تي ڦيري ڇڏي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڏندن جي بيمارين کان محفوظ رهندو۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 396) ٭حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ کَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡھَهُ الۡکَرِیۡم فرمائن ٿا: جيڪو نڇ اچڻ تي اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ته اُهو ڏاٺ ۽ ڪن جي بيماري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندو. (مرقاۃ المفاتيح، ۸/ ۴۹۹،تحت الحديث:۴۷۳۹) ٭ نڇ ڏيڻ واري کي گهرجي ته ڏاڍيان حمد ڪري ته جيئن ڪو ٻڌي ۽ جواب ڏي۔ (ردالمحتار،۹ /۶۸۴) ٭ نڇ جو جواب هڪ دفعو واجب آهي، ٻيو ڀيرو نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ٻيهر جواب واجب ناهي بلڪ مستحب آهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 326) ٭ جواب