Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

اوهان جا ئي آهن هنن کي کڻي وڃو۔ اهو واپاري چوڻ لڳو: مان جيڪو پهريان قرض ۾ ٻڏل هئس هاڻي اهي ٻارهن هزار (12000) دِينار کڻي گھر موٽيس، منهنجو قرض به معاف ٿي ويو، گھر جي لاءِ خرچ به ملي ويو ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ به چڱي ڀلي رقم ملي وئي۔ اهي تمام برڪتون درودِ پاڪ پڙھڻ جي ڪري ظاهر ٿيون۔ (جذب القلوب،ص ۲۳۷بتصرف)

مشکل جو سر پہ آپڑى تىرے ہى نام سے ٹلى

مشکل کشا ہے تىرا نام تجھ پر درود اور سلام

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اهو شخص جنهن کي هڪ مهيني جي مهلت ملي هئي ۽ هڪ مهيني کان پوءِ جيل ۾ وڃڻ وارو هو، اڄ 12 هزار دِينار کڻي پنهنجي گھر وارن وٽ وڃي رهيو آهي، يقيناً درودِ پاڪ هڪ اهڙي چاٻي آهي جيڪا مشڪلات جا تمام تالا کولي ڇڏيندي آهي، درودِ پاڪ هڪ اهڙو وظيفو آهي جيڪو وڏين وڏين پريشانين کي ٽاريندو آهي ۽ درودِ پاڪ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو وڏين وڏين مصيبتن کان بچائيندو آهي۔

مسئلو هي آهي ته اسان پنهنجن مسئلن ۾، پنهنجي مصيبتن ۾ هيڏانهن ويندا آهيون هوڏانهن ويندا آهيون، هي ڪندا آهيون، هو ڪندا آهيون نٿا پڙهو ته دُرودِ پاڪ نٿا پڙهون، شاعر چوي ٿو:

دُکھوں نے تم کو جو گھیرا ہو تو دُرُود پڑھو

جو حاضری کی تمنّا ہو تو دُرود پڑھو

 واقعي دُرودِ پاڪ ڏُکن کي دور ڪندو آهي، اسان درودِ پاڪ پڙھون ته سهي پوءِ ڏسون ڪيئن مشڪلون حل ٿين ٿيون، پر اهو ياد رکو! درودِ پاڪ جڏهن به پڙھڻو آهي ثواب جي نيت سان پڙھڻو آهي، الله پاڪ چاهيندو ته ان جون دنياوي برڪتون