Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

آهي، الله تبارڪ و تعالٰي جا لک لک شڪر جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي عظيم الشان فضيلتن ۽ برڪتن واري مقدس رات نصيب فرمائي.

٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج فرمائڻ واري آقا، لامڪان جي سير ڪرڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عظيم معجزو ”معجزه معراج“ عطا ٿيو۔ ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ جنّت کي سجايو ويو، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ ملائڪن جي ڄڃ معراج واري گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سلامي پيش ڪئي، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ جنّتي سواري بُراق کي معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ موڪليو ويو، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سواري جي مُهار پڪڙي، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نوراني ڄڃ سان مسجدِ اقصيٰ روانا ٿيا، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ سمورن نبين بيت المقدس ۾ معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو استقبال ڪيو، مرحبا چيائون! ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي اِمامت فرمائي، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن زمين کان آسمانن تائين ۽ اتي جي عجائبن جي سير جي لاءِ تشريف کڻي ويا، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر هر آسمان تي معراج واري گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو استقبال ڪيو ويو، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج واري گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سِدْرَة الْمُنْتَهٰي (يعني اهو مقام جيڪو جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جو ٺڪاڻو آهي ان) کي به هيٺ ڇڏي مٿي تشريف کڻي ويا، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ معراج وارو گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عرشِ اعظم کان به مٿي تشريف کڻي ويو، ٭ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ پاڻ مقامِ قَابَ قَوسَين جي منزلن تائين وڃي پهتا۔ مطلب ته! ٭ اڄوڪي رات اها