Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

عظيم رات آهي جنهن ۾ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي گھوٽ بڻايو ويو ۽ لامڪان جي سير جي لاءِ سڏيو ويو ۽ ڄڻ اهو اعلان ڪيو ويو ته هن ڪائنات ۾ الله پاڪ کان بعد سڀ کان وڏو مرتبو ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو آهي۔ ته پوءِ ڇو نه چئون۔

سب سے اَولیٰ و اَعلیٰ ہمارا نبی                   سب سے بالا و والا ہمارا نبی

اپنے مَولیٰ کا پیارا ہمارا نبی                            دونوں عالَم کا دُولہا ہمارا نبی

عَرش و کُرسی کی تھیں آئینہ بندیاں               سُوئے حَق جب سدھارا ہمارا نبی

جس کی دو بُوند ہیں کَوثَر و سَلْسَبِیْل                  ہے وہ رَحمت کا دَریا ہمارا نبی

کون دیتا ہے دینے کو منہ چاہیے                   دینے والا ہے سچا ہمارا نبی

کیا خبر کتنے تارے کِھلے چھپ گئے                پر نہ ڈُوبے نہ ڈُوبا ہمارا نبی

مُلکِ کَونَیْن میں اَنبیا تاجدار                          تاجداروں کا آقا ہمارا نبی

سارے اُونچوں سے اُونچا سمجھیے جسے             ہے اُس اُونچے سے اُونچا ہمارا نبی

سب چمک والے اُجلوں میں چمکا کیے            اندھے شِیشُوں میں چمکا ہمارا نبی

غَمزدوں کو رضا مُژدہ دیجے کہ ہے                  بیکسوں کا سَہارا ہمارا نبی

                                                                          (حدائقِ بخشش،ص۱۳۸ تا ۱۴۰)

 

 شعرن جي مختصر وضاحت اها آهي ته سڄي مخلوق کان افضل ۽  اعلي ۽ بلند و بالا اسان جي آقا، اسان جي موليٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي  مبارڪ ذات  آهي۔ اسان جا آقا، شبِ اسريٰ جا گھوٽ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي رب کي تمام گهڻو پيارا آهن، ان سندن کي ٻنهي جهانن جو گھوٽ بڻايو آهي۔ اسان جا آقا، مهمانِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام انبياء ۽ رسولن ۾ سڀني کان افضل ۽ اعليٰ آهن، جڏهن آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شبِ معراج جا گھوٽ بڻيا ته سندن جي عزّت افزائي ۽ استقبال جي لاءِ الله ڪريم عرش ۽ ڪرسي، زمين ۽ آسمان، مڪان ۽ لا مڪان، جنّت ۽ سڄي جهان کي خوب خوب سجايو۔