Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي۔ ٭ صَدَقو رزق ۾ ڪشادگي ۽ مال جي ڪثرت جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭صَدَقو غربت ۽ ناداري کي ختم ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو دل ۾ اطمينان ۽ قرار داخل ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو ڪرڻ سان رحمتِ الٰهي ملندي آهي۔ ٭ صَدَقو پاڻ ۾ محبتن کي عام ڪندو آهي۔ ٭ صَدَقو ڏيڻ واري قيامت جي ڏينهن امان ۾ رهندي۔ ٭ صَدَقو ڪرڻ واريءَ تي الله پاڪ جا ملائڪ درود موڪلين ٿا۔ مطلب ته! صدقو ڪيئي ڀلائين جا دروازا کوليندو آهي ۽ ڪيئي برائين جا دروازا بند ڪندو آهي۔ لهٰذا اسان کي خوب خوب صدقو ۽ خيرات ڏئي پنهنجي قبر و آخرت جي بهتري جو سامان ڪرڻ گھرجي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ ٽيون ڪم تلاوتِ قرآن

          عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن بابت ٻڌي رهيون هيوسين۔ انهن مان هڪ تلاوتِ قرآن به آهي۔ ٭ قرآنِ پاڪ الله پاڪ جو ڪلام ۽ واضح ترين حق آهي۔ ٭ ان جي فصاحت کان وڌيڪ فصيح ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ هن جي بلاغت کان وڌيڪ بليغ ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ هن کان وڌيڪ فائديمند ڪو ٻيو ڪتاب ناهي، ٭ جيڪو لذت ۽ سرور هن ڪتاب جي تلاوت ۾ آهي اها لذت ۽ سرور ڪنهن ٻي هنڌ ناهي۔ تنهنڪري اسان کي قرآن جي تلاوت کي پنهنجو معمول بنائڻ گھرجي۔ هن جا ڪيئي فائدا آهن۔ ٭ تلاوتِ قرآن سان الله پاڪ جون رحمتون ملن ٿيون، ٭تلاوتِ قرآن سان مصيبتون ٽرن ٿيون، ٭ تلاوتِ قرآن سان غم پري ٿئي ٿو، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ واري ڄڻ ڪريم رب سان هم ڪلام ٿيڻ جو شرف حاصل ڪري ٿي، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ خود آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي،  ٭تلاوتِ قرآن ڪرڻ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو طريقو آهي، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قرآن جي شفاعت جو حق دار بڻائي ٿو۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قيامت جي هولناڪ گھٻراهٽ کان امن بخشي ٿو۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ قيامت جي حساب ڪتاب کان نجات ڏياري ٿو۔ ٭تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارن جي الله ڪريم قرآنِ پاڪ ۾ تعريف فرمائي آهي۔ ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ پسنديده عمل آهي۔ ٭ تلاوتِ قرآن سان دنيا ۾ به راحت ملي ٿي، ٭ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سان قبر به موچاري ٿيندي