Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

آهي ۽ ٭ تلاوتِ قرآن سان آخرت ۾ به ڪاميابيون حاصل ٿينديون۔ اچو ٻڌون ٿيون ته بزرگن جو تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو ڪهڙو معمول هوندو هو ۽ قبر ۾ انهن کي ڪيئن ڪم آيو۔ جيئن ته

 عاشِقِ قرآن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي

  حضرتِ سَيدُنا ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گريه و زاري ڪئي آهي۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔  (حليۃ الاولياء،۲ /۳۶۴- ۳۶۶ ملتقطاً و ملخصاً)

جَبیں میلی نہیں ہوتی دَہن میلا نہیں ہوتا

غلامانِ محمد کا کفن میلا نہیں ہوتا

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان کي به قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ گھرجي، ۽ دنيا ۾ به تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو اهڙو معمول بڻايون جو قبر ۾ به هن عظيم سعادت کي ماڻڻ واريون بڻجي وڃون۔ جيڪي اسلامي ڀينرون صحيح تلفظ سان تلاوتِ قرآن نٿيون ڪري سگھن انهن کي گھرجي ته پنهنجي قريبي مدرسة المدينه بالغات ۾ داخلو وٺن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه قرآنِ پاڪ جي صحيح تلفظ سان تلاوت ڪرڻ واريون بڻجي وينديون۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ ڪم ايندڙ چوٿون عمل ذڪرِ الٰهي