Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! حضرت علامه فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيان ڪيل قبر ۾ ڪم ايندڙ عملن مان چوٿون عمل ذڪرِ الٰهي آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جڏهن به ماڻهو الله پاڪ جي ذڪر جي لاءِ ويهندا آهن ته انهن کي ملائڪ گھيري وٺندا آهن رحمتِ الٰهي انهن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺندي آهي ۽ انهن تي سڪون نازل ٿيندو آهي۔ (مسلم، ڪتاب الذڪر و الدعاء …الخ ، باب فضل الاجتماع علي تلاوة…الخ، ص۱۱۱۱، حديث:۲۷۰۰)

   اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ڪرڻ جا وڏا فائدا آهن۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي دل ۾ نور پيدا ڪندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي روح جي صفائي جو سبب ٿيندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي مؤمن جو بنيادي مقصد آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي الله پاڪ جو قرب عطا ڪندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي انسان جي روحاني ترقي جو ذريعو ٿيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ٻانهي جي گناهن کي بخشرائيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي معرفت ۽ سلوڪ جي راھ جي ڏاڪڻ آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو طريقو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي دلي سڪون جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي دلين جي زنگ کي پري ڪندو آهي۔ ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي سان دنيا ۾ به امن نصيب ٿيندو آهي، ٭ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي قبر ۾ به نور پيدا ڪندو آهي ۽ ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي سان آخرت ۾ به نور حاصل ٿيندو۔ الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر ڪرڻ واري مصطفٰي، رحمتون ورهائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: ڪجھ ماڻهو دنيا ۾ وڇايل پلنگن تي الله پاڪ جو ذڪر ڪن ٿا ۽ الله ڪريم انهن کي جنت جي بلند درجن ۾ داخل فرمائيندو۔ (صحيح ابن حبان، ۱/۳۰۸، حديث:۳۹۸)

۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ هر پاسي ذڪرِ الٰهي جي ئي پياري پياري مهڪ رچيل آهي. اهڙي طرح مدني انعامات تي عمل ۽ روزانو فڪرِ مدينه ڪرڻ به ذڪرِ الٰهي ڏانهن کڻي ويندڙ هڪ ذريعو  (Source)آهي۔ تنهنڪري اوهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ مدني انعامات تي عمل ڪندي روزانو فڪرِ مدينه کي پنهنجو معمول بڻايو۔ هنن مدني انعامات مان هڪ مدني انعام روزانه صلاةُ التوبه پڙھڻ تي مشتمل