Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

آهي، جنهن جي برڪت سان روزانو گناهن کان توبه ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ تنهنڪري اوهان به هن مدني انعام تي عمل ڪريو، مدني انعام نمبر 13 هن طرح آهي: ڇا اڄ اوهان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو (بهتر اهو آهي ته سمهڻ کان پهريان) صلوة التوبه پڙھي سڄي ڏينهن جي بلڪ اڳوڻن ٿيندڙ تمام گناهن کان توبه ڪئي؟

   عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن اڃا تائين هن مدني انعام تي عمل نه هو ته هاڻي ڪوشش ڪري هن مدني انعام تي به عمل جو معمول بڻائي وٺو، الله ڪريم اسان کي مدني انعامات تي عمل ۽ 8 مدني ڪمن جون خوب خوب ڌومون مچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ نقصان ڏيڻ وارا عمل

          عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان قبر ۾ ڪم ايندڙ چئن نيڪ عملن بابت ٻڌو، حضرت علامه فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بيان ڪيل روايت مطابق چار بُرا عمل اهڙا پڻ آهن جو قبر ۾ سلامتي جي لاءِ انهن کان بچڻ بيحد ضروري آهي۔

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ ڪوڙ کان بچو

   انهن مان پهريون عمل ڪوڙ آهي۔ الله پاڪ جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشريف آڻڻ واري رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: ڪوڙ گُناھ ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ گُناھ جهنَّم ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ بيشڪ انسان ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ وٽ ڪذّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو ٿي ويندو آهي۔ (بخاري ، ڪتاب الادب، باب قول الله تعاليٰ يا اَيھَا الَّذِينَ…الخ، ۴/۱۲۵، حديث:۶۰۹۴) يعني هر هر ڪوڙ ڳالهائڻ انسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ رسوا ڪندو آهي، ٭ ڪوڙ هڪ گناھ آهي۔ ٭ ڪوڙ سڀ کان وڏي خيانت آهي۔ ٭ ڪوڙ هلاڪت خيز ڪم آهي۔ ٭ ڪوڙ جهنم ڏانهن وٺي وڃڻ وارو عمل آهي۔ ٭ ڪوڙ باطن کي بگاڙي ڇڏيندو آهي۔ ٭ ڪوڙ منافق جي نشانين مان هڪ نشاني آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو آهي۔ ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ واري