Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

شيطان جي نقشِ قدم تي هلندي آهي۔ ٭ ڪوڙ الله پاڪ کي ناپسند جڏهن ته شيطان کي پيارو لڳندو آهي۔ مطلب ته! ڪوڙ دنيا ۾ به رسوا ڪري ٿو، ڪوڙ قبر ۾ به ڦاسائيندو ۽ ڪوڙ آخرت ۾ به هلاڪت جو سبب بڻجندو۔ تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان ڪوڙ کان بچون ۽ سچ جي عادت بڻايون۔ ڪوڙ جي عذابن جي معلومات سان سچ ڳالهائڻ جو ذهن بڻجندو، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿيون ته اسان جي اولاد به ڪوڙ کان بچي وڃي ته اولاد جي به مدني تربيت ڪرڻي پوندي، مڪتبة المدينه جو رسالو بنام ”ڪوڙو چور“ ٻارن وڏن سڀني جي لاءِ فائيديمند ۽ نهايت معلوماتي رسالو آهي، هن رسالي جو اسان پاڻ به مطالعو ڪريون ۽ ٻين اسلامي ڀينرن ۾ به هن رسالي کي عام ڪيون.  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ خيانت کان بچو

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! ٻيو اهو عمل جنهن سان بچڻ قبر ۾ فائدو ڏئي سگھي ٿو اهو آهي خيانت۔ خيانت معاشري کي برباد ڪرڻ وارو ڪم آهي۔ خيانت صرف اها ئي نه آهي ته انسان ڪنهن جي شيء بطورِ امانت رکي واپس نه موٽائي، بلڪ خيانت جو مفهوم گھڻو وسيع آهي۔ حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: خيانت صرف مال ئي ۾ ناهي ٿيندي، راز، عزت، مشوري تمام ۾ ٿيندي آهي۔ (مراة المناجيح،۱/۲۱۲) رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرشاد فرمايو: جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي ڪنهن معاملي ۾ مشورو ڏئي جڏهن ته ان کي خبر آهي ته دُرستي ان جي علاوه ۾ آهي ته هن ان سان خيانت ڪئي۔ (ابوداؤد،ڪتاب العلم،باب ڪراھية منع العلم،۳/۴۴۹، حديث:۳۶۵۷) يعني جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن سان مشورو ڪري ۽ مشورو ڏيڻ واري ڄاڻي واڻي غلط مشورو ڏنو ته جيئن مشورو وٺڻ وارو مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ته اهڙو مشير يعني مشورو ڏيڻ وارو پڪو خائن (يعني خيانت ڪرڻ وارو) آهي۔ (مراة المناجيح،۱/۲۱۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ چغلي کان بچو

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان انهن عملن بابت ٻڌي رهيون هيون سين جن