Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

کان بچڻ قبر ۾ راحت و سڪون جو سبب ٿيندو آهي، انهن مان هڪ چغلي به آهي۔ ماڻهن ۾ فساد ڪرائڻ جي لاءِ انهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي تائين پهچائڻ چغلي آهي۔ (شرح مسلم للنووي، ڪتاب الايمان،باب بيان غلظ تحريم النمية،۲/۱۱۲) الله جي پياري نبي، امت جي سهاري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: الله پاڪ جا بُرا ٻانها اهي آهن جيڪي چُغل خوري ڪن ٿا، دوستن ۾ جدائي وجھن ٿا ۽ نيڪ ماڻهن جا عيب تلاش ڪن ٿا۔ (مسند احمد،مسند الشاميين، ۶/ ۲۹۱، حديث ۱۸۰۲۰) لهٰذا اسان کي چغل خوري کان به بچڻ گھرجي۔ چغل خوري ۾ هلاڪت ئي هلاڪت آهي۔ بظاهر ته چغل خور چغلي لڳائي گھڻو خوش ٿيندو آهي ته ان محبتن جي رشتن کي نفرتن ۾ بدلي تمام وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي پر جڏهن حقيقت کان پردو کڄندو آهي ته فلاڻي شخص جي طرفان ڪن ڀرڻ جي سبب نوبت ايستائين پهتي هئي ته ان چغل خور کي هر پاسي کان ذلت ۽ رسوائي جو سامنو ڪرڻو پوندو آهي جڏهن ته مرڻ کان پوءِ به اهڙن کي سُڪون و اطمينان نصيب ناهي ٿيندو بلڪه قبر ۾ ويندي ئي عذابن جو سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو، الله پاڪ اسان کي چغلي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

قبر ۾ سلامتي جي لاءِ پاڪيزه رهو

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اهڙا ڪم جيڪي قبر جي عذاب جو سبب ٿيندا آهن انهن مان چوٿون ڪم پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ آهي۔ پنهنجي ڪپڙن ۽ بدن جي پاڪي جو خيال نه رکڻ يقيناً هڪ خراب عادت آهي، جيڪا ڪيئي ديني فائدن کان محرومي سان گڏوگڏ قبر جي عذاب ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ اچو انهيء حوالي سان مومنن تي رحم وڪرم فرمائڻ واري نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون،

  ارشاد فرمايائون: عذابِ قبر عموماً پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي۔ (المعجم الڪبير، الحديث: ۱۱۱۲۰ ، ج۱۱،ص۷۰)

     هڪ روايت ۾ آهي: قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي تنهنڪري هن کان بچو۔ (سنن ابن ماجة،ابواب الطهارة،باب التشديدفي البول،الحديث:۳۴۸،ص۲۴۹۸)

  عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! هنن حديث سڳورين تي عمل ڪندي اسان کي به گھرجي ته اسان به هر قسم جي ناپاڪي ۽ خاص ڪري پيشاب جي ڇنڊن کان