Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

پاڻ کي بچايون، الله پاڪ اسان کي نجاست کان بچڻ ۽ پاڪيزه رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔            آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ مدني گل بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اچو! شيخِ طريقت اميرِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان لباس پائڻ جي باري ۾ مَدَني گل ٻڌون ٿيون۔

پهريان ٻه فرمانِ مصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو: ٭ جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسۡمِ اللهِ چوي. (المعجم الاوسط للطبراني ج 2 ص 59 حديث 2504) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو جو جنّ ان  (شرمگاهه) کي ڏسي نه سگھندا. (مراٰةالمناجيح ج1ص268) ٭ جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) ٭ خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 36) ٭ لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي. (ايضاً 41) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو.