Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله٭تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اڄ اسان ”قبر ۾ ڪم ايندڙ عمل“ بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ حضرت علامه فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ روايت ۾ اَٺ (8) عملن جو ذڪر ڪيو آهي ۔ انهن مان چار (4) عمل اهي آهن جن تي عمل ڪرڻ سان قبر ۾ راحت ۽ سڪون نصيب ٿيندو آهي۔ جڏهن ته چار عمل اهڙا آهن جن کان بچڻ قبر جي وحشت کان بچائيندو آهي۔ اڄ جي بيان ۾ اسان انهن عملن بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ اي ڪاش! سڄو بيان سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قيامت جي سفر لاءِ سامان ڪهڙو گڏ ڪيو آهي؟

   دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”احياء العلوم“ جلد 1 صفحي 1053 تي آهي ته هڪ ڀيري امت تي مهربان نبي آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدُنا ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ارشاد فرمايائون: اي ابوذر! اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان سفر جو ارادو ڪيو ته ان جي لاءِ ڪا تياري به ڪندؤ؟ حضرت سَيدُنا ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: جي ها! يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سفر جي لاءِ ان جي تياري ضرور ڪندس۔ رسول