Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايائون: قيامت جي سفر جو ڇا حال آهي؟ پوءِ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون: اي ابوذر! ڇا مان توکي انهن شين جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪي توکي ان (قيامت جي) ڏينهن نفعو پهچائينديون؟ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ضرور ٻڌايو۔ اِرشاد فرمايائون: ٭ قِيامت جي ڏينهن لاءِ سخت گرميءَ جي ڏينهن ۾ روزو رکو! ٭ قبر جي وحشت جي لاءِ رات جي اونداھيءَ ۾ ٻه رڪعتون پڙھو، ٭ وڏن وڏن (پيش ايندڙ) معاملن جي لاءِ حج ڪيو ۽ ٭ ڪنهن مسڪين کي ڪا شيء ڏئي ڪري ٭ يا حق ڳالھ چئي ڪري ٭ يا ڪنهن بُري جملي کان خاموش رهي صدقو ڪريو۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا، التھجد وقيام الليل، ۱/۲۴۷، حديث:۱۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ شفيق و ڪريم آقا، رحم دل و رحيم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري پياري انداز ۾ سفرِ قيامت جي تياري جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ هن روايت ۾ ڪيترا ئي مدني گل هڪ عقلمند جي لاءِ پنهنجي اندر رنگ برنگي خوشبو سمايل آهن۔

   هڪ مدني گل اهو حاصل ٿيو ته سخت گرمي ۾ رکيا ويندڙ روزا قيامت جي ڏينهن جي گرمي کان بچائن ٿا۔ جڏهن ته رات جي اونداھي ۾ پڙھي ويندڙ نماز قبر جي اونداھيءَ ۽ وحشت کي پري ڪري ٿي، حج به پريشانيون پري ڪري ٿو، جڏهن ته مسڪين جي مدد، حق ڳالهائڻ ۽ بُرين ڳالهين کان بچڻ به مسلمان کي فائدو ڏئي ٿو۔ ان سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ اهڙا نيڪ عمل آهن جن تي عمل سفرِ آخرت خاص ڪري قبر ۾ فائدو ڏيندو آهي۔

   ٻيو مدني گل اهو حاصل ٿيو ته اسان کي پنهنجي سفرِ آخرت کي به هميشه ياد رکڻ گھرجي ۽ ان جي تياري ڪرڻ گھرجي۔ دنيا جو معمول آهي جڏهن به سفر ڪيو ويندو آهي ته پهريان ان جي تياري ڪئي ويندي آهي، سفر جيترو گھڻو اهم هوندو آهي ان جي تياري به ايتري ئي اهتمام سان ڪئي ويندي آهي، سفر جيترو ڊگھو هوندو آهي ان جي تياري کي به اوتري ئي اهميت ڏني ويندي آهي، سامان وغيره جو انتظام به انهيءَ حساب سان ڪيو ويندو آهي.

   اسان ڏسون ٿيون ته ڪيئي خوش نصيب عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون