Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

نانگ ۽ وڇوئن جي ڪٽڻ جو به فڪر ڪڏهن پيدا ٿيو آهي؟ ٭ سخت گرميءَ سان ته پريشان ٿي ويندا آهيون ڇا ڪڏهن قيامت ۽ جهنم جي گرميءَ جو به سوچيو آهي؟ ٭ سخت سرديءَ ۾ به راحت ناهي ملندي جهنم جي وادي زَمھَرِير جنهن ۾ سردي جو عذاب ٿيندو ڇا ڪڏهن ان جي خوف جي طرف به ڪڏهن توجهه وئي؟ ٭ ٽهڪندڙ تيل، ٽهڪندڙ گرم پاڻي اسان اڪثر ڏسون ٿيون، انهن کي ڏسي جهنمين کي پياريو ويندڙ ماءِ حميم به ڪڏهن ياد آيو آهي؟ ٭ بيماريءَ کان صحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون ڪوڙيون گوريون وات جو ذائقو خراب ڪنديون آهن ڇا ڪڏهن جهنمين کي کارايو ويندڙ زَقُّوم به ياد ڪيو آهي؟  افسوس! صد افسوس!! سفرِ آخرت ۽ آخرت جي تياريءَ کان غفلت ته ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو هاڻي اهي معاملات جيڪي واضح طور تي آخرت جي ياد ڏيارن ٿا انهن کان به عبرت ناهي حاصل ڪئي ويندي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! عقل مندي اها ئي آهي ته اسان کي هن دنيا کي تماشو نه سمجھڻ گھرجي بلڪ هن مان عبرت وٺڻ گھرجي۔ ياد رکو! زِندگي موت جي اَمانت آهي جيڪا آهستي آهستي گذري رهي آهي۔ پوءِ هڪ وقت ايندو ڏسندي ئي ڏسندي موت پنهنجي وڪڙ ۾ وٺندو ۽ اونداھي قبر کي ٺڪاڻو بڻائڻو پوندو۔ ٭ اڄ جڏهن ته اسان زنده آهيون، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جا پساھ هلي رهيا آهن، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جي دل ڪم ڪري رهي آهي، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جي جسم ۾ خون هلي رهيو آهي، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جا عضوا سلامت آهن، ٭ اڄ جڏهن ته اسان پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجھ ڪري سگھون ٿيون، ٭ اڄ جڏهن ته اسان کي مهلت مليل آهي ته اسان کي هن مان فائدو کڻڻ گھرجي، پنهنجي عملن تي غور ڪرڻ گھرجي، مڪمل توجهه سان سوچڻ گھرجي ته الله پاڪ جي ڏنل عظيم نعمت زندگي کي ڪهڙي طرح گذاري رهي آهيان؟ ٭ ڇا هن کي الله پاڪ جي اطاعت و فرمانبرداري ۾ گذاري رهي آهيان يا صبح و شام گناهن جو سلسلو جاري آهي؟ ٭ ڇا مان نيڪين ڏانهن وڃي رهي آهيان يا گناهن سان دامن داغدار ڪري رهي آهيان؟ ٭ ڇا مان نيڪ واٽ تي هلي رهي آهيان يا بدڪارن ۽ گناهگارن جي طرزِ عمل تي زندگي گذاري رهي آهيان؟ ٭ ڇا مان فرض ۽ واجب ۽ سنتِ مؤڪّدا پورا ڪيان ٿي يا غفلت ۾ زندگي گذري رهي آهي؟ ٭ ڇا ۾ نماز روزي جي پابندي ڪيان ٿي يا ان