Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

پاسي ڌيان ئي نه آهي؟ ٭ ڇا مون کي قرآن، درود و سلام، ذڪر واذڪار جو به شوق آهي يا فضوليات ۾ وقت برباد ڪري رهي آهيان؟ ڇا مون کي ڏسي ڪري به قرآنِ ڪريم پڙهڻ اچي ٿو يا نه ؟ ڇا درست نماز پڙهڻ اچي ٿي يا نه؟  مطلب ته! سوچڻ گھرجي ته ڇا مان پنهنجي آخرت کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان يا هن فاني دنيا جي ڌوڪي ۾ مبتلا ٿي پنهنجي ڏينهن ۽ رات کي ضائع ڪري رهي آهيان؟ هن ڌوڪي (Deception) کان اسان کي خبردار ڪندي اسان جو پاڪ پَروَردگار سيپاري 22 سُوره فَاطِر جي آيت نمبر 5 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاٙ-وَ لَا یَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ(۵)( پ۲۲، اَلْفَاطِر:۵)

ترجمو ڪنز الايمان: اي انسانو بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ توهان کي هرگز ڌوڪو نه ڏي دنيا جي زندگي ۽ هرگز توهان کي الله جي حڪم تي ڌوڪو نه ڏي اهو وڏو ڌوڪي باز.

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! واقعي دنيا هڪ ڌوڪو آهي، عقل مند اهو ئي آهي جيڪو هن دنيا ۾ رهي پنهنجي قبر جي لاءِ ڪجھ ڪري وڃي۔ کوڙ عمل اهڙا آهن جيڪي جيڪڏهن کڻي وڃون ته قبر نورٌ علي نور ٿي سگھي ٿي۔ حضرت سَيدُنا فقيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو قبر جي تنهائي ۽ گھٻراهٽ کان بچڻ چاهي ٿو ان کي گھرجي ته چار شين کي اختيار ڪري وٺي ۽ چئن ئي شين کان پاسو اختيار ڪري۔ جيڪو به ائين ڪندو اهو قبر جي اڪيلائپ ۽ گھٻراهٽ کان بچي ويندو۔ اهي چار شيون جن کي اختيار ڪرڻو آهي انهن مان سڀ کان پهرين شيء نماز آهي۔ ٻي شيء الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو آهي۔ ٽئين شيء قرآنِ پاڪ جي تلاوت آهي ۔ جڏهن ته چوٿين شيء ڪثرت سان ذڪرِ الٰهي ڪرڻ آهي۔ ۽ اهي چار شيون جن کي ڇڏڻو آهي انهن مان پهرين شيء ڪوڙ آهي۔ ٻي شيء خيانت آهي۔ ٽئين شيء جنهن کان بچڻو آهي اها آهي چغلي۔ جڏهن ته چوٿين شيء جنهن سان هر گھڙي بچڻو آهي اهي پيشاب جا ڇنڊا آهن۔       (تنبيه الغافلين،ص۲۲)