Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

قبر ۾ ڪم ايندڙ پهريون عمل نماز

   اهي عمل جيڪي قبر ۾ ڪم ايندا انهن مان پهريون عمل آهي نماز۔ الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو نمازن جي لاءِ بهتر طَريقي سان وضو ڪري ۽ انهن کي ان جي وَقت ۾ اَدا ڪري ۽ انهن جا رُڪوع وسُجود، خُشُوع سان پورا ڪري ته الله پاڪ جي ذمّه ڪرم تي آهي ته ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔

 (ابوداؤد ، ڪتاب الصلوة، باب المحافظة علي وقت الصلوات،۱/ ۱۸۶، حديث: ۴۲۵)

   عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! نماز جا ڪيئي فائدا آهن۔٭  نماز دين جو ٿنڀو آهي، ٭ نماز پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ آهي، ٭ نماز مسلم ۽ غير مسلم جي وچ ۾ سڃاڻپ (Identification) جو ذريعو آهي، ٭ نماز بارگاھ الٰهي ۾ حاضري جو ذريعو آهي، ٭ نماز مؤمن جي معراج آهي، ٭ نماز چين ۽ سڪون ماڻڻ جو سبب آهي، ٭ نماز بندگي جو پهريون ڏاڪو آهي، ٭ نماز ربِّ ڪريم جون رحمتون ماڻڻ جو سبب آهي، ٭ نماز قربِ الٰهي ماڻڻ جو وسيلو آهي، ٭ نماز سان رب جي مدد ملندي آهي، ٭ نماز گناهن کي مٽائيندي آهي، ٭ نماز سان برڪتون نصيب ٿينديون آهن، ٭ نماز ظاهر و باطن کي صاف ڪندي آهي، ٭ نماز روح کي قرار ڏيندي آهي، ٭ نماز ظاهري ۽ باطني بيمارين جو خاتمو ڪندي آهي، ٭ نماز رزق ۾ برڪتون آڻيندي آهي، جڏهن ته ٭ نماز ڇڏڻ دنيا ۽ آخرت ۾ نقصانن جو سبب آهي، ٭ نماز ڇڏڻ الله پاڪ جي امان کان پاڻ کي محروم ڪرڻ آهي، ٭ نماز ڇڏڻ ڄڻ ته الله پاڪ جي غضب کي دعوت ڏيڻ آهي، ٭ نماز ڇڏڻ مال ۾ ڪمي ۽ نقصان جو سبب آهي، ٭ نماز ڇڏڻ بري خاتمي جو سبب آهي، ٭ نماز ڇڏڻ قبر جي امتحانن ۾ فيل ٿيڻ جو سبب آهي، ٭ نماز ۾ غفلت ڪرڻ پاڻ کي جَهنَّم جو حقدار بنائڻ آهي۔ اچو انهيء باري ۾ هڪ عبرتناڪ حڪايت ٻڌو:

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”ڪفن چورن جا انڪشافات“ جي صفحي 20 تي هڪ حڪايت نقل فرمائن ٿا: هڪ شخص جي ڀيڻ فوت ٿي وئي. جڏهن هو ان کي دفن ڪري موٽيو ته ياد آيس ته رقم جي ٿيلهي قبر ۾ ڪِري پئي آهي، اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ڀيڻ جي قبر