Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

کي نيڪين ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جڏهن ته اڄ هڪ تعداد هن مهيني ۾ هر وقت پيسو ڪمائڻ جي ڌُن ۾ مگن ٿي  ويندو آهي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان اچڻ کان پهريان پنهنجي مصروفيت ختم ڪري پاڻ کي اطاعت ۽ بندگي ۾ مصروف ڪندا هئا جڏهن ته اڄ ماڻهو رمضان اچڻ کان پهريان هن مهيني ۾ مال دولت ڪمائڻ جون ترڪيبون سوچي ان تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪمائڻ جي جستجو ۾ لڳل رهندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ هن ۾ وڌ کان وڌ پيسو ڪمائڻ جي سوچ عام ٿيندي پئي وڃي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان کي پنهنجي لاءِ نيڪيون ڪمائڻ جو موسم شمار ڪندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ رمضان کي مال ڪمائڻ جو سيزن سمجھيو ويندو آهي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ وڌ کان وڌ وقت رضاءِ الٰهي جي حصول ۾ گذاريندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ هن مهيني ۾ وڌيڪ پيسا ڪمائڻ جي لاءِ اوور ٽائم لڳائڻ جو رجحان گهڻو آهي،  افسوس! صد افسوس! هاڻي ته حال هي ٿي چڪو آهي جو معاذ الله رمضان جا فرض روزا  به بلاعذّر شرعي ڇڏڻ جو رواج بڻجندو پيو وڃي۔  ٭  ڪجھ گرمي گھڻي ٿي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ مٿي ۾ معمولي سور آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ٿورڙي طبيعت خراب  ٿي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ڪم وڌيڪ ڪرڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ اوور ٽائم لڳائڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ٿورو سفر ڪرڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ 

يقيناً هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھ  خاص صورتن ۾ روزو ڇڏڻ جي اجازت آهي پر ان جو فيصلو هر هڪ نٿو  ڪري سگھي بلڪ ڪنهن ماهر مفتي صاحب کان شرعي رهنمائي وٺي ئي روزو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري سگھي ٿو پر پنهنجي مرضي سان پاڻ ئي فيصلو ڪري روزو ڇڏي ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟ بلڪ هاڻِي ته هر هلندڙ ڦرندڙ کان مسئلو پڇڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي، ٻڌائڻ وارو چاهي شرعي مسئلا ڄاڻيندو هجي يا نه ڄاڻيندو هجي، اهو به جيڪو سمجھ ۾ ايندو آهي، ٻڌائڻ ۾ شرم محسوس ناهي ڪندو، بلڪ