Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اُس کی ہستی میں تھا عمل جوہر ، سنّتِ مصطفٰے کا وہ پیکر

عالمِ دین ، صاحبِ تقویٰ ، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو  ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر سمجھدار هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر دين دار، شريعت جا پابند هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر عاشقِ رمضان هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر، خوفِ خدا رکڻ وارا هئا۔ 

اهڙي طرح محبوبِ سبحاني، غوثِ صمداني، شهبازِ لامڪاني سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي وِلادَت يڪم رمضان ۾ ٿي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  پهرين ڏينهن ئي کان روزا رکڻ شُروع ڪري  ڏنا۔

جيئن حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ حضرت سَيدَتُنا اُمُّ الخَير فاطمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها فرمائن ٿيون: جڏهن منهنجو پٽ عبدُالقادِر پيدا ٿيو ته هو رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ ڏينهن جي وَقت منهنجو کير نه پيندو هو،  اڳئين سال رَمَضان جو چنڊ ڪڪرن جي ڪري نظر نه آيو ته ماڻهو مون وٽ معلوم ڪرڻ آيا ته مون چيو ته ”منهنجي پٽ کير ناهي پيتو۔پوءِ ماڻهن ان مان مَعلُوم ڪري ورتو ته اڄ رَمَضان جو ڏينهن آهي ۽ اسان جي شهر ۾ اها ڳالھ مَشهور ٿي وئي ته سَيدن ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو رَمَضان ُالمُبارَڪ ۾ ڏينهن جي وقت کير ناهي پيئندو۔ (بهجة الاسرار،ذڪرنسبه وصفته ،ص۱۷۲)

غوثِ اعظم مُتَّقِیْ ہر آن میں

چھوڑا  ماں کا دُودھ بھی رَمَضان میں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد