Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

نيڪين ڀريو ماحول ملي ويندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان مسجد ۾ دل لڳائڻ جي عادت بڻجندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان شبِ قدر نصيب ٿيندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان تراويح ۾ شرڪت آسان ٿي ويندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان دل کي قرار ۽ سڪون نصيب ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان آئنده زندگيءَ ۾ گناهن کان بچڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان آئنده زندگي شريعت جي مطابق گزارڻ جو ذهن بڻجندو آهي. ٭ الغرض عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت ڪيو ويندڙ اعتڪاف دين ۽ دنيا جي ڪيترن ئي فائدن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري احترامِ ماههِ رمضان المبارڪ جو جذبو وڌائڻ، ان جون خوب برڪتون ماڻڻ، بيشمار نيڪيون ڪرڻ ۽ پاڻ کي گناهن کان بچائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي تحت ٿيڻ واري پوري ماههِ رمضان يا آخري عشري جي اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪرڻ گهرجي.

اچو! اعتڪاف ڪرڻ جي فضيلتن تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

فرمايائون: مَنِ اعْتَکَفَ فِیْ رَمَضَانَ يعني جنهن رمضان المبارڪ ۾ (ڏهن ڏينهن جو) اعتڪاف ڪري ورتو کَانَ کَحَجَّتَیْنِ وَعُمْرَتَیْن اهو ائين آهي ڄڻ ٻه حج ۽ ٻه عمره ڪيائين. (شعب الایمان،۳/ ۴۲۵، حدیث۳۹۶۷ ملخصاً )

فرمايائون: مَنِ اعْتَکَفَ اِیْـمَانًا وَّاِحْتِسَابًا يعني جنهن شخص ايمان سان گڏ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو غُـفِـرَ لَہ ٗ مَاتَـقَدَّمَ مِنْ ذَنْـبِـہٖ  ان جا تمام پٺيان گناهه بخشيا ويندا. (جامع صغیر ص۵۱۶،حدیث۸۴۸۰)

اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني ماحول ۾ اعتڪاف جي ترغيب ڏياريندي ارشاد فرمائن ٿا:

جَلوۂ یار کی آرزو ہے اگر                                          مدنی ماحول میں کرلو تم اِعتِکاف

میٹھے آقا کریں گے کرم کی نظر                                 مدنی ماحول میں کرلو تم اِعتِکاف

چوٹ کھا جائے گا اک نہ اک روز دل                       مدنی ماحول میں کرلو تم اِعتِکاف

فَضْلِ ربّ سے ہدایت بھی جائے گی مل                     مدنی ماحول میں کرلو تم اِعتِکاف