Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! ماههِ رمضان ۽ ان ۾ روزي رکڻ جي فضيلتن جي متعلق ڪجهه مدني گل ٻڌون ٿا:
پهريان ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: فرمايائون: (1) روزو عبادت جو دروازو آهي. (الجامع الصغیرص۱۴۶حدیث۲۴۱۵) (1) فرمايائون پنج ئي نمازون، ۽ جمعو ايندڙ جمعي تائين ۽ ماههِ رمضان ايندڙ ماههِ رمضان تائين گناهن جو ڪفارو آهن جيستائين ڪبيره گناهن کان بچو وڃي. (صحیح مسِلم ص ۱۴۴حدیث۲۳۳) روزو باطني عبادت آهي، ڇو جو اسان جي ٻڌائڻ جي بغير ڪنهن کي اهو علم نه ٿو ٿي سگهي ته اسان جو روزو آهي ۽ الله پاڪ باطني عبادت کي گهڻو پسند فرمائيندو آهي. (فیضانِ رمضان، ص۸۴۸) هر مهيني ۾ خاص تاريخون ۽ تاريخن ۾ به خاص وقت ۾ عبادت ٿيندي آهي. مثال طور عيد الاضحٰي جي چند (مخصوص) تاريخن ۾ حج، محرم جي ڏهين تاريخ افضل، پر ماههِ رمضان ۾ هر ڏينهن ۽ هر وقت عبادت ٿيندي آهي. روزو عبادت، افطار عبادت، افطار کان بعد تراويح جو انتظار عبادت تراويح پڙهي ڪري سحري جي انتظار ۾ سمهڻ عبادت، پوءِ سحري ڪرڻ به عبادت الغرض: هر لمحي ۾ الله پاڪ جو شان نظر اچي ٿو. (فیضانِ رمضان، ص۸۶۰) رمضان هڪ بٺي آهي جيئن بٺي گندي لوهه کي صاف ۽ صاف لوهه کي مشين جو پرزو بڻائي قيمتي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سون کي