Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan
حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ عباس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهما کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([1])
(2) ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي
لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم
(خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي)
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن هن دُعا کي ٽي ڀيرا پڙهيو ڄڻ ان شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو. (ابنِ عساڪر ج 19، ص 155، حديث 4455)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد