Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa
ته انهن جي طبيعت ۾ چِڙچڙو پن، پيدا ٿي سگھي ٿو، بلڪه بار بار تشدد ڪرڻ انهن کي بدتميزي ۽ بدمزاجي تي اڀاري سگھي ٿو، ائين ان قيمتي هيري جي غلط تراش خراش ان کي بي مُلھ ۽ بيڪار بڻائي ڇڏيندي آهي جڏهن ته ٻارن جي دلجوئي ڪرڻ ۽ انهن سان مِلي ڪري رهڻ، چڱن ڪمن تي انهن جي مناسب حوصله افزائي ڪرڻ، انهن سان پيار و محبت وارو ورتاؤ ڪرڻ، انهن جي شڪوا شڪايتن تي مناسب ڪاروائي ڪرڻ، انهن کي راند روند جا سٺا ۽ محفوظ موقعا ڏيڻ سٺيون ۽ سبق آموز آکاڻيون ٻڌائڻ مثال طور قرآني واقعن جي لاءِ عجائب القرآن ڪتاب، صحابه رَضِیَ اللہُ عَنْہُم اَجْمعین جي حالات جي لاءِ ”ڪراماتِ صحابه“ ٻارن جي ڪهاڻين جي لاءِ ”فرعون جو خواب، پٽ هجي ته اهڙو، نور وارو چهرو، ڪوڙو چور وغيره.
هي سمورا طريقا ٻارن ۾ خود اعتمادي، برداشت ۽ حُسنِ اَخلاق جهڙيون خوب صورت وصفون پيدا ڪندا آهن۔ اهڙي طرح ڪڏهن ٻارن کان غلطي ٿي به وڃي ته ڪاوڙ ۾ لال پيلو ٿيڻ جي بدران نرمي سان انهن جي اصلاح ڪريو ۽ آئنده اهڙن ڪمن کان بچڻ جو ذهن ڏيو۔ ياد رکو! ٻارن سان وڏو بڻجي رهڻ ڪمال نه آهي بلڪ ٻارن سان ٻار بڻجي رهڻ ۽ انهن سان ملي ڪري رهڻ ئي ڪمال آهي۔
ٻارن جي اسلامي تربيت جي لاءِ ڪجھ اهم مدني گل
2.ٽي کان چار سال جي عمر ۾ پورو ڪلمو لَاۤاِلٰہَ اِلَّااﷲُمُحَمَّدٌ رَّسُول اللہ( صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ ) سيکاريو.
3.چئن سالن جي عمر کان ”مدني قاعدي“ جي ترڪيب ڪيو. ڪجھ بزرگن جو معمول رهيو آهي ته اهي ٻارن جي ”رسمِ بسم الله“ (يعني بسم الله شريف پڙهائڻ جي تقريب) 4 سال، 4 ماھ ۽ 4 ڏينهَن جي عمر ۾ ڪندا هئا.