Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa
آداب سيکارڻ جي لحاظ کان تمام اهم آهي.
5 . 5 سالن جي عمر کان ٻارن کي پياري آقا مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۽ ٻين نبين سڳورن جا معجزا، صحابه ڪرام ۽ اهلبيتِ اطهار(رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم) جا واقعا، اولياءِ ڪرام(رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم) جو ڪرامتون ٻڌائڻ ۽ نعتن ۽ منقبتن جا ڪجھ شعر ياد ڪرائڻ شروع ڪيو، ٿي سگهي ته گهر ۾ وقت به وقت نياز جي ترڪيب بڻايو هن جو فائدو اهو حاصل ٿيندو جو ننڍپڻ کان ئي ٻارن جي دلين ۾ بزرگن جي محبت پيدا ٿي ويندي ۽ ننڍپڻ جي محبت ممڪن آهي مرڻ مهل تائين باقي رهي.
14. انسان درمياني حال، درمياني عمر، درمياني ڪيفيت جي مطابق پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو حصو پنهنجي گهر واري سان گڏ گذاريندو آهي، ٻارن جي تربيت جي مدني مهم ۾ ٻارن جي ماءُ کي پنهنجو معاون بڻائڻ ضروري آهي. علم ۽ عمل، زهد ۽ تقوٰي ۾ اسان پنهنجو رفيقِ سفر بڻائڻ سان گڏوگڏ ان کي نيڪي جي دعوت ۽ اولاد جي تربيت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۽ مدني ڪمن يا شعبن سان