Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

نصيحت، شفا ۽ هدايت به قرار ڏنو ويو آهي۔ جيئن سيپاري 11 سوره يونس آيت نمبر 57 ۾ اِرشادِ الٰهي آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْكُمْ مَّوْعِظَةٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ شِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوْرِۙ۬-وَ هُدًى وَّ رَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ(۵۷)               

ترجَمو ڪنز الايمان: اي انسانو توهان وٽ توهان جي رب کان نصيحت آئي ۽ دلين جي صحت ۽ هدايت ۽ رحمت ايمان وارن جي واسطي.

          تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي تحت آهي: هن آيت ۾ قرآنِ ڪريم جا ٽي عظيم فائدا بيان ڪيا ويا آهن۔

پهريون فائدو مَوعِظَة:

      ”مَّوْعِظَة“ جي معني آهي اها شيء جيڪا انسان کي پسنديده شيء ڏانهن گھرائي ۽ خطري کان بچائي۔

ٻيو فائدو شِفاءٌ:                   

      شِفاءٌ مان مراد هي آهي ته قرآنِ پاڪ قلبي (يعني دل جي) مرضن (Diseases) کي پري ڪري ٿو۔

ٽيون فائدو هدايت:

      قرآنِ ڪريم جي صفت ۾ هدايت به فرمايو ويو، ڇوته اهو گمراهي کان بچائي ٿو ۽ راھ حق ڏيکاري ٿو ۽ قرآنِ پاڪ کي ايمان وارن جي لاءِ رحمت ان ڪري فرمايو ويو جو هن کان اهي ئي فائدو کڻن ٿا۔(صراط الجنان، ۴/۳۳۸ ملتقطاً)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته قرآنِ ڪريم پسنديده شين ڏانهن سڏي ٿو۔ قرآنِ ڪريم دنيا ۽ آخرت جي خطرات کان بچائي ٿو۔ قرآنِ ڪريم نيڪ عملن کي ڪرڻ جي نصيحت ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم بُرن عملن کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم چڱن عملن جا فائدا ٻڌائي ٿو ۔ قرآنِ ڪريم بُرن عملن جي انجام کان ڊيڄاري ٿو۔