Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

قرآنِ ڪريم بُرن اخلاقن کان پري ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم غلط عقيدن کان محفوظ ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم جهالتن کان پاڪ ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم دل جي بيمارين کي پري ڪري ٿو۔ اَلغَرَض! قرآنِ ڪريم گمراهي کان بچائي ٿو ۽ قرآنِ ڪريم راھِ حق ڏيکاري ٿو۔ الله ڪري اسان تلاوتِ قرآن ڪرڻ وارا ۽ قرآني تعليمات تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

تلاوت کروں ہر گھڑی یاالٰہی

بکوں نہ کبھی بھی میں واہی تباہی

احاديثِ ڪريمه ۽ قرآنِ ڪريم

    اچو! هاڻي احاديثِ طيبه جي روشني ۾ قرآنِ ڪريم جي اهميت ۽ عظمت ۽ فضيلت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا، جيئن

(1) ارشادفرمايائون: اَصْدَقُ الْحَدِيثِ کتَابُ اللّٰه يعني سڀ کان سچّي ڳالھ ڪتابُ الله آهي۔ (شعب الايمان۴/۲۰۰،حديث۴۷۸۶ملتقطاً)

      (2) ارشاد فرمايائون: خَيرُ الْحَدِيثِ کتَابُ اللّٰه يعني بهترين ڳالھ ڪتَابُ الله آهي۔ (مسلم،ڪتاب الجمعة، باب تخفيف الصلاة والخطبة ص۳۳۵، حديث ۲۰۰۷ ملتقطا)

      (3) ارشاد فرمايائون: الله جو ڪتاب الله جي رسي آهي، جنهن ان جي اتباع ڪئي اهو هدايت تي رهيو، جنهن ان کي ڇڏي ڏنو اهو گمراهي تي ٿيو۔ (مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه،باب من فضائل علي ۔۔۔الخ، ص۱۰۰۸، حديث ۶۲۲۸)

      (4) ارشاد فرمايائون: مان توهان ۾ ٻه عظيم شيون ڇڏيان ٿو، جن مان پهرين ته الله جو ڪتاب آهي جنهن ۾ هدايت ۽ نور آهي، توهان الله جو ڪتاب وٺو ان کي مضبوط پڪڙيو، (ٻي شيء) منهنجا اهلِ بيت۔ مان توهان کي پنهنجي اهلِ بيت جي باري ۾ الله کان ڊيڄاريان ٿو۔ مان توهان کي پنهنجي اهلِ بيت جي باري ۾ الله کان ڊيڄاريان ٿو۔ (مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه،باب من فضائل علي ۔۔۔الخ، ص۱۰۰۸، حديث ۶۲۲۵)

      بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ ۾ قرآنِ ڪريم بابت حڪيم الامت حضرت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو، ان جو خلاصو