Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

مدني گلن جي صورت ۾ ائين آهي:٭ قرآنِ ڪريم ۾ عقائد ۽ اعمال جي رهنمائي آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم دل جو نور آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم قيامت ۾ پُل صراط جو نور آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم کي اهڙي مضبوطي سان پڪڙيو جو زندگي ان جي ڇانو ۾ گذري موت ان جي ڇانو ۾ اچي۔ ٭سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: الله جو ڪتاب ته واضح رهي جو الله جي ڪتاب ۾ سنتِ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به داخل آهي۔ ڇوته اهو ئي ڪتابُ الله جي شرح آهي ۽ ڪتابُ الله تي عمل ڪرائڻ وارو آهي۔ ٭سنت جي بغير ڪتابُ الله تي عمل ناممڪن آهي۔ ٭اهلِ بيت مان مراد حضور عَلَيه السَّلَام جي اولاد، ازواج ۽ موليٰ علي عَلَيهمُ الرِّضْوَان وغيره آهن۔ ٭ ان جي نافرماني ۽ بي ادبي هر گز نه ڪجو نه ته دِين وڃائي ويهندو۔(مرآة المناجيح، ۸/۴۵۷۔۴۵۸ملخصاً)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اهلِ بيتِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ قرآنِ ڪريم سان تعلق مضبوط رهي ته دنيا به بهتر ٿي ويندي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابيون نصيب ٿي وينديون۔ ان ڪري اسان کي پاڻ اهلِ بيتِ ڪرام سان به محبت رکڻ گھرجي ۽ قرآنِ ڪريم سان به تعلق مضبوط رکڻ گھرجي۔ اهڙي طرح پنهنجي اولاد ۾ به محبتِ قرآن پيدا ڪرڻ گھرجي ۽ انهن کي به اهل بيت جي محبت سيکارڻ گھرجي ڇوته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: پنهنجي اولاد کي ٽي ڳالهيون سيکاريو (1) پنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت (2) اهلِ بيت جي محبت (3) تلاوتِ قرآن۔

(الجامع الصغيرلسيوطي،باب الهمزه،الحديث۳۱۱،ص۲۵)

      يقيناً جيڪو ٻانهو قرآنِ ڪريم سان دل لڳائيندو آهي، الله پاڪ اُن تي رَحمتن جي بارش ڪندو آهي، ان جي تلاوت ڪرڻ واري کي دنيا ۽ آخرت ۾ خوب برڪتون ملنديون، ان جي تلاوت ٻڌڻ واري کي به خوب خوب اجر ۽ ثواب ملندو آهي، جڏهن ته جيڪو قرآنِ پاڪ کان پاسو ڪري، ان کان پري ڀڄي ان جي احڪامن جي پروا نه ڪري، ان سان دل نه لڳائي، پنهنجي سيني کي ان جي نور سان روشن نه ڪري ته اهڙي بد نصيب جي لاءِ محرومي ئي محرومي آهي، الله جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: