Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

جنهن جي سيني ۾ ڪجھ قُرآن ناهي اهو وِيران گھر جيان آهي۔ (جامع الترمذي،ڪتاب فضائل القرآن،باب (ت:۱۸) حديث:۲۹۲۲،۴/۴۱۹) لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان ڪلامِ الٰهي سان خوب محبت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، ان جي تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عِبادَت

رہوں باوضو میں سدا یا الٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآن جا احڪام ۽ اسان جي حالت

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآنِ ڪريم جي اهميت بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ يقيناً ڪو به مسلمان قرآنِ ڪريم کان بي پروا نٿو ٿي سگھي۔ شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ جي لاءِ قدم قدم تي قرآني تعليمات جي ضرورت پوندي آهي۔ پر افسوس! اڄ مسلمان هن مقدس ڪتاب کان پاسو ڪندي نظر اچي رهيا آهن۔ ڪجھ خوش نصيب رمضان ۾ ان جي زيارت ۽ تلاوت جون برڪتون ماڻيندا آهن پر ڪجھ ته هن مقدس مهيني ۾ به الله پاڪ جي هن عظيم نعمت کان پاڻ کي محروم رکن ٿا۔ ان جو بنيادي سبب اهو بڻجي ٿو جو هڪ تعداد کي قرآنِ ڪريم ٺيڪ طرح سان پڙھڻ به ناهي ايندو ۽ اهي ان کي سکڻ جي لاءِ توجھ به نٿا ڪن۔

      ٿورو سوچيو! گھر ۾ گاڏي هجي ۽ گاڏي هلائڻ نه اچي ته ان جي لاءِ باقاعده ڊرائيونگ جو ڪورس ڪيو ويندو آهي۔ مهانگيون فيسون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ جلد کان جلد ڊرائيونگ سکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔ اهڙي طرح شروع ۾ موبائل هلائڻ به نه ايندو هو، پر ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري اهو به سکي ورتو ۽ ڪنهن کان پڇڻ ۾ ڪو شرم به نٿو اچي۔ ڪاروبار ڪرڻ چاهيو ته ان کان اڳ ۾ کوڙ تجربيڪار ماڻهن کان مشورا ورتا ويندا