Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

جي نالي سان مشهور آهن، سندن باري ۾ ايندو آهي ته ڪثير مصروفيتن جي باوجُود پاڻ کي تلاوتِ قرآن سان بيحد محبت هئي، پاڻ رَمَضان المبارڪ ۾ روزانو ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو قرآنِ پاڪ جو ختم ڪندا هئا ۽ تراويح کان پوءِ نفلن ۾ هر ٽئين رات ۾ هڪ ڀيرو ختمِ قرآن ڪندا هئا۔( ارشاد الساري، ۱/۶۴)

       (3) حضرت امام ڪتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي باري  ۾ اچي ٿو ته پاڻ الله پاڪ جا اهڙا ولي هئا جو پاڻ طواف جي دوران 12 هزار ڀيرا قرآن ِڪريم جو ختمو ڪڍيو۔(سير اعلام النبلا،۱۴/۵۳۵)

      (4) حضرت ابو بڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ پنهنجي زندگي جا 40 سال اهڙي طرح گذاريائون جو هر رات ۽ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو قرآنِ ڪريم جو ختم ڪندا هئا۔  (سير اعلام النبلا،۸/۵۰۳)

      (5) اسان جا امامِ اعظم سيدُناامام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رَمَضانُ المبارَڪ ۾ ايڪهٺ (61) ڀيرا قرآن ڪريم جو ختم پورو ڪندا هئا۔ ٽيهه ڏينهن ۾، ٽيهه راتين ۾ ۽ هڪ تراويح ۾، ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنجيتاليھ سال عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز ادا فرمائي۔ (بهارِ شريعت حصه ۴ ص ۳۷، از فيضانِ رمضان)

      (6) هڪ روايت جي مطابِق امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه زندگي ۾ 55 حج ڪيائون ۽ جنهن گھر ۾ وفات ڪيائون ان ۾ ست هزار ڀيرا قرآنِ مجيد ختم فرمايائون۔ (عقود الجمان ص ۲۲۱ از فيضانِ رمضان)

      (7) منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام الائمه سيدُنا امام اعظم (ابو حنيفه) رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽيھ سال ڪامل هر رات هڪ رڪعت ۾ قرآن ڪريم ختم ڪيو آهي۔ ( فتاوٰي رضويه تخريج شده ج ۷ص۶ ۴۷ از فيضانِ رمضان)

(8) حضرتِ سَيدُنا ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گريه و زاري ڪئي آهي۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، مٿن اهڙو ته