Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔ (حلية الاولياء، ۲/۳۶۴- ۳۶۶ ملتقطاً و ملخصاً)

جَبیں میلی نہیں ہوتی دَھن میلا نہیں ہوتا

غلامانِ محمد کا کفن میلا نہیں ہوتا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعن مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيتري قدر شوق ۽ محبت سان تلاوت ڪندا هئا، اسان کي به ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ گھرجي۔ هڪ تعداد تلاوتِ قرآن کان ان ڪري محروم رهندي آهي جو انهن کي تلاوت ڪرڻ ناهي ايندي۔ ننڍپڻ ۾ قرآنِ ڪريم پڙھڻ ڪڏهن سکيو هو ته هاڻ وسري ويو، يا سکيو آهي پر ٺيڪ طرح سان دُرست تلفظ سان تلاوت ڪرڻ نٿي اچي وغيره وغيره۔ ان جي حل جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي تحت پنهنجي ويجھو لڳڻ واري مدرسةا لمدينه بالغان ۾ داخلا وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله اوهان به درست انداز ۾ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سکي ويندؤ۔ مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي بالغ (وڏي عمر جي) اسلامي ڀائرن کي مختلف هنڌن (مثال طور مسجدن، دفترن، مارڪيٽ، دُڪان وغيره) ۽ مختلف اوقات ۾ في سبيل الله مدني قاعده، ناظره تعليمِ قراٰن سان گڏوگڏ نماز جا بُنيادي مسئلا ٻڌايا ويندا آهن، سُنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن۔ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مدرسة المدينه بالغان جو تعداد تقريباً 24238 (چويھ هزار ٻه سو اٺٽيھ) ۽ پڙھڻ وارن جو تعدادتقريباً142650(هڪ لک ٻائيتاليھ هزار ڇھ سو پنجاھ) آهي۔

دعوتِ اسلامي ۽ خدمتِ قرآن:

اڄ جي هن پُرفِتن حالتن ۾ قراٰنِ پاڪ سان مسلمانن جو رشتو مضبوط ڪرڻ ۽ فيضانِ قراٰن کي عام ڪرڻ جي لاءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مدني