Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

تحريڪ دعوتِ اسلامي مختلف انداز سان ڪوشش ڪري رهي آهي۔ دعوتِ اسلامي ڪهڙي ڪهڙي نموني خدمتِ قراٰن ڪري رهي آهي، اچو! ان جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪريو:

٭دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي بِلا مُعاوضه تَجوِيد ۽ مَخارِج سان دُرُست تلاوتِ قراٰن سيکارڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالِغان ۽ مدرسة المدينه بالِغات جڏهن ته مدني مُنّن ۽ مدني مُنّين کي حفظ و ناظره جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مدرسةُالمدينه لِلبَنِين ۽ مدرسةُالمدينه لِلبَنَات قائم آهن ۽ جن هنڌن تي قراٰن ڪريم پڙھائڻ وارا آساني سان دستياب نه آهن اتي جي لاءِ مدرسة المدينه آن لائن جو به سلسلو آهي۔

٭اهڙي طرح اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي تحت قائم جامعاتُ المدينه جي نصاب ۾ به قراٰنِ پاڪ جي تعليم شامل آهي، اهو نصاب ان انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي جو درجه مُتَوَسِّطَه اوّل کان درجه خامِسه (پنجين درجي) تائين مدني قاعده ۽ سڄو قراٰنِ پاڪ ترجمو ۽ تفسير سان پڙهايو ويندو آهي، جڏهن ته درجه سابِعه (ستين درجي) ۾ تجويد ۽ سيپاري 26 کان 30 حَدر جي دُهرائي ۽ درجه دورهٔ حديث ۾ حُسنِ قراءت جي حوالي سان تربيت ڪئي ويندي آهي۔

٭دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري ”مڪتبة المدينه“ تان قراٰنِ پاڪ جي مختلف لائنن ۽ سائزن تي مشتمل متعدد نسخا شائع ڪيا ويا آهن جڏهن ته معيار ۾ مزيد بهتري جي لاءِ مشهور اِشاعتي مرڪز بيروت (لبنان) مان به قراٰنِ پاڪ جي اشاعت جو اِهتمام ڪيو ويو آهي۔ جتان هاڻي تائين اڍائي لک کان وڌيڪ نسخا شائع ٿي چڪا آهن۔

٭ان جي علاوه قرآن پاڪ جي مختلف موضوعات بابت هزارين ڪتاب به شائع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪنزالايمان مع خزائن العرفان، مَعرِفَة القراٰن عَلٰي ڪنزِالعِرفَان، صِراطُ الجِنَان سميت ڪيئي ڪتاب شامل آهن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد