Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةالمدينه بالغان “

دعوتِ اسلامي تحت خدمتِ قرآن جو هڪ ذريعو مدرسة المدينه بالغان آهي۔ مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جا ڪيئي فائدا ۽ برڪتون آهن۔ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان قرآنِ پاڪ دُرست پڙھڻ جو هڪ ذريعو آهي ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسل وغيره بعض ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙهائڻ جي سعادت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي،٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي۔ اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو،

مدرسة المدينه بالغان جي برڪت

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته هو مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان فلمون ڏسڻ جو شوقين هو۔ ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ٻه ٻه ڀيرا سينما گھر پهچي ويندو هو۔ هڪ ڀيرو رمضان المبارڪ 1991 ۾ ان جي هڪ اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي جن ان کي مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآن پاڪ پڙھڻ جي ترغيب ڏياري۔ ان اسلامي ڀاءُ جي محبت ڀري انداز سان متاثر ٿي مدرسي ۾ پڙھڻ جي لاءِ هائو ڪيائين ۽ استقامت سان مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو۔ مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان نه صرف درست مخارج سان قرآن پاڪ پڙھڻ سکي ويو بلڪه هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو معمول به بڻجي ويو۔ گناهن کان توبه ڪري آهسته آهسته مدني ماحول جي رنگ ۾ رنگجي ويو ۽ ڪجھ سال کان پوءِ مُدَرِّس ڪورس ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري مدرسة المدينه بالغان پڙھائڻ وارو بڻجي ويو۔