Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                 تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                               کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                          تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                        گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تلاوتِ قرآن ڪريو!

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قرآنِ پاڪ بابت بيان ٻُڌي رهيا هئاسين۔ اسان کي به تلاوتِ قرآن جي عادت بنائڻ گھرجي۔ افسوس! صد افسوس! اڄ ماڻهو فضول ناول پڙھڻ ۾ وقت برباد ڪن ٿا، اڄ هڪ تعداد آهي جنهن کي ڪوڙين آکاڻين ۽ قِصّن جا ڪتاب پڙھي گھڻو مزو ايندو آهي۔ اڄ ڪي ماڻهو سڄو سڄو اخبار هڪ نشست ۾ ختم ڪندا آهن۔ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي ڏسڻ ۾ گذاريندا آهن۔ اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو سنيما گھرن ۾ وڏو وقت برباد ڪندو آهي ، اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو شاپنگ جي نالي تي بازارن ۾ وقت ضائع ڪندو آهي، هڪ تعداد آهي جيڪو ويڊيو گيمز(Video Games) کيڏي پنهنجي قِيمتي وقت کي ضائع ڪندو آهي، بعض نادان رمضان ۾ "ٽائم پاس ڪرڻ " جي نالي تي سڄي رات گھٽين ۾ ڪرڪيٽ کيڏي ٻين جي سڪون کي برباد ڪندا آهن، بيمار پوڙھن ۽ ننڍن ٻارن جي لاءِ تڪليف جو سبب ٿيندا آهن۔ هڪ تعداد آهي جن کي مهينن تائين قرآنِ پاڪ جو هڪ صفحو (Page) پڙھڻ جي توفيق ناهي ملندي۔ افسوس! اڄ اسان جي ٻارن کي رانديگرن جا نالا ته ياد هوندا آهن پر قرآن پاڪ جون ننڍيون ننڍيون سورتون ياد ناهن هونديون، اڄ اسان جي ٻارن کي فنڪارن (Actors)، گلوڪارن جي معلومات هوندي آهي، پر افسوس! انهن کي انبياء ڪرام ۽ اسلامي مهينن جا نالا تائين ياد ناهن هوندا، اڄ ٻار انگريزي زبان ۾ نظمون ته ياد ڪري وٺندا آهن، پر دِين جي بُنيادي ڳالهين کان بي خبر هوندا آهن۔ يقيناً اها