Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

توهان تي هڪ ڀيرو دُرُود موڪلي، مان ان تي ڏھ رحمتون نازل ڪيان، ۽ اوهان جي اُمَّت مان جيڪو هڪ سلام موڪلي، مان ان تي ڏھ سلام موڪليان۔ (مشڪاة،ڪتاب الصلاة ،باب الصلاة علي النبي وفضلها،۱/۱۸۹،حديث:۹۲۸ملتقطا)

                             حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يارخان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ’’رَبّ (ڪريم) جي سلام موڪلڻ مان مُراد يا ته مَلائڪن جي ذريعي ان کي سلام چورائڻ آهي يا آفتن ۽ مُصيبتن کان سلامت رکڻ۔‘‘ (مرآة المناجيح، ۲/۱۰۲)

دُنیاوآخِرت میں جب میں رہوں سلامت       پیارے پڑھوں نہ کیوں کر تم پر سلام ہر دم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي