Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

10رمضانُ المبارڪ اُمُّ المومنين حضرت سيدَتُنا خديجةُ الڪبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جي عرس جو ڏينهن آهي تنهنڪري هن مُناسَبَت سان حُصُولِ بَرَڪت ۽ نُزولِ رَحمَت جي لاءِ حضرت سيدَتُنا خديجةُ الڪبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جو مختصر طور ذڪرِ خير ٻڌون ٿا، اچو پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

خديجه کان بهتر ڪا گھرواري ناهي!

هڪ ڀيري حضرتِ عائشه صِدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْها حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبانِ مبارڪ مان حضرتِ خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي تمام گھڻي ساراھ ٻڌي ته چيائون؛ هاڻي ته الله پاڪ اوهان کي ان کان بهتر گھرواريء عطا ڪئي آهي، اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: نه خدا جو قسم! خديجه کان بهتر مون کي ڪا گھرواري نه ملي، جڏهن سڀني ماڻهن منهنجو انڪار ڪيو ان وقت ان مون تي ايمان آندو ۽ جڏهن سڀ ماڻهو مون کي ڪوڙو چئي رهيا هئا ان وَقت اُنهن منهنجي تصديق ڪئي ۽ جنهن وَقت ڪو شخص مون کي ڪا شيء ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو، ان وَقْت خديجه مون کي پنهنجو سمورو مال ڏئي ڇڏيو ۽ ان مان الله پاڪ مون کي اَولاد عطا فرمايو۔ (المواهب اللدنية مع شرح الزرقاني ، باب خديجة ام المؤمنين ، ج۴، ص ۳۷۲)

 سيدھ خديجة الڪبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها جو تعارف

معلوم ٿيو ته رسولِ خدا، جنابِ احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت بي بي خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ حضرت بي بي خديجه رَضِى الله تَعَالٰى عَنها عامُ الفِيل کان 15 سال پهريان پيدا ٿيون۔ نالو خديجه، والِد جو نالو خُوَيلِد ۽ امڙ جو نالو فاطمه آهي۔ حضرت بي بي خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي ڪنيت اُمُّ القَاسِم ۽ اُمِّ ھِند آهي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جا لقب طاهره، سَيدَة قُرَيش، صِدِّيقَه ۽ ”الڪبريٰ“ آهن، حضرت بي بي خديجه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو هي آخري لَقب نالي سان ايتري ڪثرت سان