Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

طور دَارُالسُنَّه ۾ ايندڙ مهمانن، مختلف سُنّتن ڀريا اجتماعات، مدني مشورن، مختلف مدني ڪورسز ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هر سال هزارين عاشقانِ رسول سڄي رمضان ۽ آخري عشري جي اِعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا آهن، انهن عاشقانِ رسول جي لاءِ "لنگرِ رضويه" (سحري ۽ افطاري) جو نهايت وڏو اِنتظام ڪيو ويندو آهي ته جيئن اُهي عاشقانِ رسول دِلجمعي سان علمِ دين جي مدني حلقن ۽ مدني مذاڪرن ۾ ڀرپور توجه سان شرڪت ڪري سگھن۔ دعوتِ اسلامي جي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ ٿيندڙ مدني مذاڪرن جي اجتماعن ۾ به عاشقانِ رسول جي لاءِ لنگرِ رضويه جو اِهتمام ڪيو ويندو آهي۔ا لنگرِ رَضَويه جي مد ۾ ڪروڙين روپين جا اخراجات ٿيندا آهن هن نيڪيءَ جي عظيم ڪم ۾ به ڪيئي اسلامي ڀائر پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، هن سال به اِنْ شَآءَ الله ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ سوين هنڌن تي سڄي مهيني ۽ آخري عشري جو اعتڪاف جاري آهي، جنهن ۾ هزارين عاشقانِ رمضان، رمضان جي مبارڪ گهڙين جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔

سحري ۽ افطاري ڪرائڻ نهايت فضيلت ڀريو ڪم آهي، حُضورِ انور ، شافِعِ مَحشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: جنهن حلال کاڌي يا پاڻيءَ سان (ڪنهن مسلمان کي) روزو افطار ڪرايو، ملائڪ ماههِ رمضان جي اوقات ۾ ان جي لاءِ استغفار ڪندا آهن ۽ جبريل (عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) شبِ قدر ۾ ان جي لاءِ استغفار (يعني بخشش جي دعا) ڪندو آهي۔“ (طبراني المعجم الڪبير ج۶ ص۲ ۶ ۲حديث۶۱۶۲ )

اي عاشقانِ رمضان! اوهان به سحري ۽ افطار ڪرائڻ جي فضيلتن مان حصو ماڻيو ۽ سٺين سٺين نيتن سان گڏ ”لنگرِ رضويه“ جي مد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريو۔

آخري عشري جي اعتڪاف جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان جو آخري عشرو عنقريب جلوه گر ٿيڻ وارو آهي، اِنْ شَآءَالله دعوتِ اسلامي تحت هن سال به آخري عشري جي سُنّت