Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان هڪ فرمان مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) فرمايائون: منهنجي اُمَّت جي افضل عبادت تلاوتِ قرآن آهي. (شعب الايمان للبيهقي، باب في تعظيم القرآن، فصل في ارمان تلاوته، دون اللفظ’’تلاوۃ‘‘ ۲/۳۵۴،حديث:۲۰۲۲)٭قرآنِ پاڪ کي سٺي آواز سان ۽ رڪي رڪي پڙھڻ سنت آهي۔(احياء العلوم،۱/۸۴۳) ٭مستحب هي آهي ته باوضو قبلي ڏانهن رخ ڪري سٺا ڪپڙا پائي تلاوت ڪري۔ (بهار شريعت،جلد۱، حصه۳، ص۵۵۰)٭تلاوت جي شروع ۾ ’’اَعُوْذُ‘‘ پڙھڻ مستحب آهي ۽ سورت جي ابتداء ۾ ’’بِسْمِ الله‘‘ پڙھڻ سنت آهي نه ته مستحب آهي۔(صراط الجنان،۱/۲۱)٭قرآن مجيد ڏسي پڙهڻ زباني پڙهڻ کان افضل آهي۔ (صراط الجنان،۱/۲۱) ٭ قرآن پاڪ ڏسي تلاوت ڪرڻ تي ٻه هزار نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ زباني پڙهڻ تي هڪ هزار۔(ڪنزالعمال، ج ۱،ص۲۶۰ملخصاً) ٭قرآنِ ڪريم جي تلاوت وقت روئڻ مستحب آهي۔ (صراط الجنان ، ۵/۵۲۶) ٭ جڏهن بلند آواز سان قرآن مجيد پڙھيو وڃي ته تمام حاضرين تي ٻڌڻ فرض آهي، جڏهن ته اهي ماڻهو قرآنِ مجيد ٻڌڻ جي غرض سان حاضر ٿيا هجن نه ته هڪ جو ٻڌڻ ڪافي آهي توڙي جو باقي ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هجن۔ (صراط الجنان،۱/۲۲)٭مجمعي ۾ سڀئي ماڻهو بلند آواز سان پڙھن اهو حرام آهي جيڪڏهن ڪجھ شخص پڙهڻ وارا هجن ته حڪم آهي ته آهسته پڙھن. (صراط الجنان،۱/۲۲)٭ تلاوت جي لاءِ سڀ کان افضل وقت سڄي سال ۾ رمضان شريف جا آخري ڏھ ڏينهن ۽ ذوالحجه جا شروعاتي ڏھ ڏينهن آهن ۔(عجائب القرآن ،ص۲۳۹)٭ رات ۾ تلاوت جو بهترين وقت مغرب ۽ عشاء جي وچ وارو آهي ۽ ان کان پوءِ اڌ رات کان پوءِ ۽ ڏينهن ۾ سڀ کان بهترين صبح جو وقت آهي۔ (عجائب القرآن ،ص۲۳۹)٭غسل خانو ۽ نجاست جي هنڌن ۾ قرآن شريف پڙھڻ ناجائز آهي۔(جنتي زيور ، ص۳۰۰) ٭ جيڪو شخص غلط پڙھندو هجي ته ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته