Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ٻڌائي ڇڏي، بشرط هي ته ٻڌائڻ سبب ڪينو ۽ حسد پيدا نه ٿئي۔(صراط الجنان،۱/۲۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!      آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ”الله جي رحمت تمام وڏي آهي“يقيناً الله پاڪ جي رحمت تمام وسيع آهي۔ ڪيئي آيتون ۽ حديث سڳوريون رحمتِ الٰهي جي وُسعَت کي بيان ڪن ٿيون۔ انهن مان ڪجھ آئنده هفتي بيان ڪيون وينديون۔ ان سان گڏوگڏ رحمتِ الٰهي جا ڪيئي واقعا به بيان ڪيا ويندا۔ يقيناً الله جي رحمت تمام وڏي آهي پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسان نيڪ عملن کان پري ۽ گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃون اهو سوچي ڪري ته الله جي رحمت تمام وڏي آهي۔ اهڙي سوچ ڪيتري نقصان ده ثابت ٿي سگھي ٿي ان باري ۾ به ڪجھ مدني گل پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد