Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي خوش قسمتي آهي جو رمضان المبارڪ جو رحمتن ڀريو مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هن مُبارڪ مهيني ۾ ڪيئي عاشقانِ رسول نماز، روزو، تراويح وغيره ۾ مشغول ٿي ويندا آهن۔ اهڙي طرح هڪ تعداد آهي جيڪي هن مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآنِ پاڪ جي سعادت ماڻيندا آهن۔ رمضان شريف کي قرآنِ پاڪ سان هڪ خاص نسبت حاصل آهي، هي ئي اهو محترم ۽ مڪرم مهينو آهي جنهن جي شبِ قدر ۾ قرآنِ پاڪ لوحِ محفوظ کان آسمانِ دنيا ڏانهن نازل ڪيو ويو۔ (صراط الجنان، ۱۰/۷۷۴) يقيناً قُرآنِ پاڪ اسان جي لاءِ الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي.  

      بهارِ شريعت ۾ آهي: کوڙ نبين تي الله تعاليٰ صحيفا ۽ آسماني ڪتاب نازل ڪيا، انهن مان چار ڪتاب گھڻا مشهور آهن: ”تورات“ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام تي، ”زبور“ حضرت داؤد عَلَيه السَّلَام تي، ”اِنجيل“ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام تي، ”قرآنِ عظيم“ جيڪو سڀ کان افضل ڪتاب آهي، سڀ کان افضل رسول حضور پُرنور احمدِ مجتبيٰ محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازل ٿيو۔ ڪلامِ الٰهي ۾ ڪجھ جو ڪجھ کان افضل هئڻ جي معني هي آهي ته اسان جي لاءِ ان ۾ ثواب گھڻو آهي، نه ته الله (پاڪ) هڪ، ان جو ڪلام هڪ، ان ۾ افضل ۽ مفضول جي گنجائش ناهي۔(بهارِ شريعت،۱/۲۹، حصه اول)

      قرآنِ پاڪ روشن نُور ۽ واضح حق آهي۔ الله ڪريم قرآنِ پاڪ سڄي مخلوق جي سردار، ٻنهي جهانن جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازل فرمايو۔ اهو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڀ کان وڏو معجزو آهي۔ اِنْ شَآءَالله اڄ اسان ان جي اهميت، ان جي فضيلتن ۽ فائدن ۽ بزرگانِ دِين جي قرآنِ ڪريم سان محبت جي واقعن سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادَت حاصل